ٽافين ۽ ميڪ اپ….

ٽافين ۽ ميڪ اپ جي عام رنگ سان شگر جو خطرو آهي: تحقيق

 آسٽن: غذائن ۽ ميڪ اپ ۾ استعمال ٿيندڙ هاڃيڪار ڪيميڪل تي خبرون اينديون رهنديون آهن جڏهن ته هاڻي آمريڪي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته عام ميڪ اپ ۽ ٽافين ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيميڪل ٽائپ ٽو شگر جو سبب بڻجي سگهن ٿا.آسٽن ۾ يونيورسٽي آف ٽيڪساس جي ماهر چيو آهي ته ٽائٽا نيئم ڊاءِ آڪسائيڊ هڪ عام اڇو رنگ آهي جيڪو ڪاسميٽڪس ۽ ٽافين ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جڏهن ته ان جو استعمال ٽاپ ٽو شگر ۾ مبتلا ڪري سگهي ٿو.ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽائٽانيئم ڊاءِ آڪسائيڊ ٽائپ ٽو شگر جو سبب بڻجي سگهي ٿو، انساني جسم ۾ ڪيترن ئي ڌاتن جي موجودگي باوجود اهو رنگ (پگمنٽ) صحتمند انساني ٽشوز ۾ موجود نه هوندو آهي. ان لاءِ اسان اهو چئي سگهون ٿا ته اهو کائڻ پيئڻ جي شين ذريعي انساني جسم ۾ پهچي رهيو آهي.

کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں