سعودي عرب ڪئنيڊا…

سعودي عرب ڪئنيڊا ۾ پنهنجن شهرين جي علاج جا سمورا پروگرام روڪي ڇڏيا

رياض: سعودي عرب ڪئنيڊا ۾ پنهنجن شهرين جي علاج جا سمورا پروگرام روڪي ڇڏيا آهن.پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪئنيڊا ۾ علاج هيٺ سمورن سعودي شهرين کي ڪئنيڊا کان ٻاهر ٻين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. رياض حڪومت هلندڙ هفتي ئي اعلان ڪيو هو ته ڪئنيڊا سان نون معاهدن ۽ سيڙپڪاري جي منصوبن کي فريز ڪيو پيو وڃي.گڏوگڏ سعودي عرب مان ڪئنيڊا جي سفير کي پڻ بي دخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو هو. انهن سعودي قدمن جو سبب ظاهري طور اهو مطالبو آهي، جنهن ۾ سعودي عرب تي زور ڏنو ويو هو ته هو انساني حقن جي ڪارڪنن کي آزاد ڪري.

کیٹاگری میں : صحت

اپنا تبصرہ بھیجیں