ڪينن ڪمپني پاڪٽ سائيز ڪئميرا متعارف ڪرائي ڇڏي

 ٽوڪيو: ڪينن ڪمپني پاڪٽ سائز پاور شوٽ ايس ايڪس 740 ايڇ ايس ڪئيمرا متعارف ڪرائي ڇڏي آهي.عالمي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اها ڪئميرا خاص طور تي ولاگرز لاءِ ڊيزائن ڪئي وئي آهي ته جيئن هو ان ذريعي پنهنجي سمارٽ فون جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بهتر تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهي سگهن. ڪئميرا ۾ 20.3 ميگا پڪسل جو سينسر ۽ 960.24 ايم ايم جو لينس ڏنو ويو آهي. جنهن سان تصويرن کي 40 ڀيرا تائين زوم ڪري سگهجي ٿو.اها ڪئميرا فور کي وڊيوز پڻ رڪارڊ ڪري سگهي ٿي. اهڙي طرح اها پاور شوٽ سيريز جي پهرين ڪئميرا آهي، جيڪا فور کي وڊيو رڪارڊ ڪرڻ جي اهليت رکي ٿي. ڪئميرا جي ايل سي ڊي 3 انچ جي آهي جيڪا 180 ڊگري تي گهمي سگهي ٿي.ڪمپني جي تازي اميج پروسيسر کي پڻ ان ڊيوائس جو حصو بڻايو ويو آهي جنهن سان هاءِ ريزولوشن وڊيو رڪارڊنگ ڪري سگهجي ٿي. ڊيوائس ۾ واءِ فاءِ ۽ بليو ٽوٿ ڪنڪٽيويٽي پڻ ڏني وئي آهي. پاور شوٽ ڪئميرا کي ڪاري ۽ سلور رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. ڪئميرا جي قيمت 400 ڊالر آهي ۽ ان کي آگسٽ جي آخر ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں