واٽس ايپ تي گروپ وڊيو ڪال جي سهولت متعارف

0Shares

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) پيغام جي راسائي مشهور ترين ايپلي ڪيشن واٽس ايپ تي وڊيو ڪال جي سهولت ان کان اڳ صرف ٻن واهپيدارن وچ ۾ ٻڌل هئي پر هاڻ ان ۾ گروپ وڊيو ڪال جو فيچر به موجود آهي. هونئن ته واٽس ايپ وڊيو ڪال فيچر 2016ع ۾ متعارف ڪيو ويو هو، پر ان ۾ گروپ وڊيو ڪال جي سهولت موجود نه هئي، پر هاڻ واٽس ايپ ڪمپني طرفان ان مشڪل کي به حل ڪيو ويو آهي. واٽس ايپ ڪمپني موجب گذريل ڏينهن کان گروپ وڊيو ڪال جو فيچر متعارف ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي تحت هڪ وقت ۾ چار واهپيدار گڏجي وڊيو ڪال تي ڳالهائي سگهندا. ان فيچر جي مدد سان واهپيدار جتي ۽ جنهن وقت چاهي آساني سان پنهنجن دوستن سان وڊيو ڪال ڪري سگهندو. گروپ وڊيو ڪال ڪرڻ لاءِ وڊيو ڪال جي آپشن ۾ وڃڻو پوندو ۽ مٿي ساڄي پاسي ڏنل add participant جي آپشن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو جنهن ۾ واهپيدار پنهنجي ٽن دوستن کي ڪال لڳائي ڳالهائي سگهي ٿو. ڪمپني طرفان ان فيچر کي اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ جاري ڪيو ويو آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں