گڏيل اپوزيشن چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف سراپا احتجاج بڻجي وئي، مظاهرا، اسلام آباد ۾اليڪشن ڪميشن ٻاهران ڌرڻو

اسلام آباد(بيورو) مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي ۽ ايم ايم اي سميت ٻين مخالف ڌر پارٽيون اسلام آباد ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪيو. چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف اليڪشن ڪميشن جي ٻاهران احتجاج ۾ مخالف ڌر جي پارٽين جا اڳواڻ شريڪ هئا جن ۾ راجا ظفر الحق، مشاهد الله خان، نهال هاشمي، مشاهد حسين سيد ، يوسف رضا گيلاني، شيري رحمان، نويد قمر، فرحت الله بابر، محمود اچڪزئي، مولاناعبدالغفور  حيدري ۽ زاهد خان سميت ٻيا موجود آهن. جيڪي جعلي چونڊن جا نعرا لڳائي رهيا هئا. سياسي اڳواڻن  چيو ته  احتجاج ۾ ڪارڪنن کي شرڪت جي دعوت نه ڏني وئي هئي، احتجاج پُرامن هوندو جنهن ۾ چونڊن خلاف چارج شيٽ جاري ڪئي ويندي. ان موقعي تي مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راجا ظفر الحق  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي چونڊون قبول ناهن. جيڪڏهن چونڊن جا نتيجا اهڙي طرح آندا ويا ته هي قوم ۽ ملڪ جو نقصان هوندو جنهن سان سڄي قوم متاثر ٿيندي. هن چيو ته اسان دنيا کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته عوام هن چونڊن کي رد ڪري ٿو، اسان ان خلاف هڪ آهيون ۽ هڪ ٻئي جي هٿ پڪڙي بيٺل آهيون، اسان ان معاملي ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن، اسان قوم سان گڏ بيٺا آهيون، جن ووٽ کي عزت نه ڏني انهن قوم جو نقصان ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻ شري رحمان چيف الڪيشن ڪميشن کان استعفيٰ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اسمبلي پارليامنٽ ۾ گڏ ٿي ڪري احتجاج ڪنداسين. ٻئي پاسي اسلام آباد ۾ انتظاميا احتجاج کي نظر ۾ رکندي حڪمت عملي پڻ تيار ڪري ورتي آهي جنهن تحت اليڪشن ڪميشن تائين رڳو پارليامنٽ ميمبرن کي وڃڻ جي اجازت هوندي ۽ ڪارڪنن کي ريڊ زون ۾ داخل نه ٿي سگهندا. هوڏانهن جي يو آءِ (ف) چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪيو جتي ڪارڪنن بنون ۾ لنڪ روڊ تي مظاهرو ڪندي انڊس هاءِ وي ٽريفڪ جي لاءِ  بند ڪري ڇڏيو. جي يو آءِ جي ڪارڪنن ڪوئيٽا، زيارت، چمن، لورالائي ۽ زوب شاهراهه ڪچلاڪ وٽ بند ڪري ڇڏي جڏهن ته ڪوئيٽا، تفتان، مستونگ، قلات، خضدار ۽ ڪراچي شاهراهه لڪ  واري هنڌ تي بند ڪئي وئي. ان کانسواءِ ڪوئيٽا، نوشڪي، خاران ۽ دالبندين آر سي ڊي شاهراهه پڻ مختلف هنڌن تي بند ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جو موقف آهي ته اسيمبلين جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسيمبلين ۾ وڏو فورم ملندو، اُتي احتجاج ريڪارڊ ڪرائينداسين. اليڪشن 2018 ملڪي تاريخ جي بدترين چونڊ آهي. عوام اليڪشن 2018 جي نتيجن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان جو چوڻ هو ته سڀ کان وڌيڪ ماڻهو راضي ڪنداسين ته هو پارليامينٽ جو حصو بڻجن. پارليمان جي اندر پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ۽ احتجاج ڪنداسين. ملڪ کي ڏڦيڙ ڏانهن نه وڃڻ ڏينداسين.  هن چيو ته اسان جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن مستعفيٰ ٿئي. پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ راجا ظفر الحق جو چوڻ هو ته اليڪشن 2018 تي سڄي قوم سراپا احتجاج آهي، 25 جولاءِ تي ٿيل عام چونڊ کي ڪنهن به ناهي قبوليو. هن چيو ته اليڪشن 2018 جي نتيجن کي عوام ۽ سمورين پارٽين رد ڪري ڇڏيو، نتيجن قبولڻ جوڳا ناهن. ٻئي طرف چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف متحده مجلس عمل جي سڏ تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا. ڪنڌڪوٽ ۾ عام چونڊن ۾ نتيجن خلاف متحده مجلس عمل جي سڏ تي انڊس هاءِ وي تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب   سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون. گهوٽڪي ۾  چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف متحده مجلس عمل  جي سڏ تي  قومي شاهراهه تي ٽول پلازه وٽ مولوي  اسحاق لغاري،  حافظ سراج چنا ۽ غلام الله کهاوڙ جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. حيدرآباد ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي سڏ تي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف  هٽڙي باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون. سڪرنڊ ۾ جي يو آءِ جي اعلانيل احتجاجي سڏ تي   قومي شاهراهه تي حافظ عبدالقيوم چنا ۽ ايڊووڪيٽ عبدالقيوم چنا جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو هنيو ويو. ڌرڻي سبب  روڊن جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون ، جڏهن ته  ضلعي شهيد بينظير آباد جي انتظاميا پاران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا. انتظاميا ڌرڻي سبب پوليس، آرمي ۽ رينجرز کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي،  جڏهن ته ڌرڻي سبب  احتجاج ڪندڙن اليڪشن نامنظور جا نعرا هنيا. متحده مجلس عمل جي سڏ تي ڪارڪنن  حيدرآباد، گهوٽڪي  ۽ سجاول جوڻيجي ۾ پڻ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا آهن. سجاول جوڻيجي ۾  ايم ايم اي جي سڏ تي مولوي منير پنهور ، صديق مغيري ۽ محبت کهڙو جي  اڳواڻي ۾سوين ڪارڪنن ٽاور  چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي رتوديرو- شهدادڪوٽ روڊ کي بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. سن ۾ عام چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف متحده مجلس عمل جي سڏ تي جي يو آءِ اڳواڻ انجنيئر عبدالراق لاکي، مولانا محمد قاسم کاراڻي ۽ محمد انور کونهارو جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب  ڄامشورو کان سيوهڻ ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون ڊيرا مراد جمالي ۾ به متحده مجلس عمل  جي سڏ تي  چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف  سوين ماڻهن  قومي شاهراهه تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته  چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، قوم جا اربين رپيا ضايع ڪيا ويا، عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن. ٻئي طرف جي يو آئي ملير پاران مرڪزي قيادت جي سڏ تي اليڪشن 2018 ۾ مبينا ڌانڌلين خلاف ملير جي گهگهر ڦاٽڪ قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ڏنو ويو، ڌرڻي ۾ جي يو آئي جي ملير ٺٽو ۽ ڪراچي جي ٻين ضلعن جي ضلعي اڳواڻن سميت وڏي انگ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جي يو آئي (ف) جي ڪارڪنن اليڪشن ڪميشن جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي، احتجاج کي خطاب ڪندي جي يو آئي آڳواڻ مولانا اسماعيل مگسي، مولانا احسان الله ٽڪروئي ۽ ٻين چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ رڪاڊ ڌانڌلي ٿي آهي، عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي، نااهل اليڪشن ڪميشن جي سربراھ کي فوري طور تي استعيفا ڏيڻ گهرجي ۽ ملڪ اندر ٻيهر صاف شفاف چونڊون ڪرايو وڃن، موجوده چونڊ اليڪشن نه پر سليڪشن هئي، جنهن ذريعي من پسند ماڻھن کي کٽرايو ويو، جيڪو عوام سان ڌوکي برابر آهي، جي يو آئي (ف) اهڙين چونڊن کي رد ڪري ٿي، آڳواڻن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ کي کٽرائي جانبداري ڪئي، ريلي احتجاج بعد پيدل مارچ ڪندا گهگهر ڦاٽڪ تي ڌرڻي واري صورت اختيار ڪري وئي، جنهن سبب قومي شاهراهه ڪراچي کان اندروني ملڪ ويندڙ مسافر ۽ مال بردار گاڏين جون قطارون لڳي ويون، جڏهن ته ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاء رينجرز ۽ پوليس جا وڏا اٽالا ڌرڻي واري هنڌ موجود هئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں