اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي وڏ وزارت نوجوان جي حوالي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اهو نوجوان ڪلين هوندو ۽ ان تي ڪو به سوليا نشان نه هوندو. اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ تحريڪ انصاف جي پنجاب پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مشڪل چونڊ وڙهڻ تي سڀني کي واڌايو پيش ڪيان ٿو ڇاڪاڻ ته سڀني کي خبر هئي ته اصل پاڻي پت جي جنگ پنجاب ۾ وڙهي ويندي. هن چيو ته منهنجي لاءِ وڏو عذاب ٽڪيٽ ڏيڻ هو ۽ اسان کي ٽڪيٽ ڏيڻ واري عمل کي وڌيڪ بهتر ڪرڻو آهي، جتي اسان جي ڪمزوري آهي ان تڪ ۾ به ڪم شروع ڪرڻو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اسان کي پارٽي کي هڪ ادارو بڻائڻو آهي، هي ڪا عام پارٽي ناهي جتي سفارش هلي، سڀ کان وڌيڪ ذميداري پنجاب وارن تي آهي. هن چيو ته ٻن قسمن جي سياست آهي، هڪ اها ذاتي سياست جنهن ۾سياستدان پيسو ٺاهڻ ايندا آهن ۽ ذاتي سياست سياستدانن کي ذلت ۽ خواري ڏني آهي ڇاڪاڻ ته ذاتي سياست ۾سياستدان عوام جو نالو وٺي اقتدار ۾ اچي پنهنجي ذات جو سوچيندا آهن، ٻئي سياست اها آهي جيڪا پيغمبرن جي آهي ۽ پيغمبر انسانيت لاءِ بيهندا آهن جڏهن ته مان ماڻهن سان واعدو ڪري آيو آهيان ته ملڪ کي مديني شريف جهڙي رياست بڻائيندس. پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته انصاف ميرٽ تي ڪرڻو آهي، مان فيصلا ميرٽ تي ۽ قوم جي مفاد لاءِ ڪندس، عوام جي پيسي کي الله تعاليٰ جي امانت سمهجڻو آهي ۽ قوم جو پيسو بچائڻو آهي ته جيئن عوام جي فلاح تي خرچ ڪري سگهجي. عمران خان چيو ته پنجاب ۾ اسان کي ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏيڻو آهي انڪري سڀ تيار رهو، نئين پاڪستان جي شروعات پنجاب کان ئي ٿيندي، پنجاب جي ماڻهن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مفلسي واري زندگي گذاري آهي، اسان کي پنجاب جي ماڻهن کي ريليف ڏيڻو آهي جڏهن ته پنجاب پوليس ۾ ڪي پي پوليس وانگر بهتري آندي ويندي ۽ پنجاب پوليس کي غير سياسي ۽ خود مختيار بڻائينداسين. تحريڪ انصاف جي چيئرمين ٻڌايو ته پنجاب جي وڏوزارت لاءِ نئون نوجوان اڳتي آڻي رهي آهيان هي نوجوان ڪلين هوندو جنهن ڪنهن قسم جو ڪو به سواليه نشان نه هوندو توهان سڀ ان نوجوان کي سپورٽ ڪيو، مان نوجوان کي تجربيڪار ڪابينا جي ٽيم ۾ آڻي رهيو آهيان. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي نائب چيئرمين شاهه محمود قريشي دعويٰ ڪئي آهي ته اڄ پي ٽي آءِ پنجاب جي پارليماني پارٽي جي جلاس ۾ 164 ميمبر موجود هئا ۽ ميمبرن جو انگ 180 کان 186 تائين پهچڻ جو امڪان آهي. تحريڪ انصاف پنجاب جي پارليماني پارٽي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي ۾ مقابلو هو پر پنجاب جي عوام پيپلز پارٽي کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پنجاب مان پيپلز پارٽي کي 6 قومي ۽ 6 صوبائي سيٽون مليون آهن، جيڪڏهن اسان درست فيصلو ڪيون ها ته مظفر ڳڙهه مان به ٽي سيٽون اسان کي ملي وڃن ها پر اليڪشن هڪ ڳالهه واضح ڪئي ته تحريڪ انصاف پاپولر ووٽ ۾ اڀري سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ هڪ ڪروڙ 68 لک ووٽ کڻي مقبول ترين پارٽي بڻجي اڀري آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ نمبر گيم جي حوالي سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته واضح اڪثريت جي لاءِ پنجاب ۾ 149 ووٽ گهربل آهن پر اسان گولڊن نمبر کان اڳتي نڪري چڪا آهيون. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته اڄ پنجاب جي پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ 164 ميمبر شامل هئا، ڪيترائي پارٽي ميمبر اچوڪي اجلاس ۾ نه اچي سگهيا پر اميد آهي ته اسيمبلي ۾ ووٽنگ واري ڏينهن ميمبرن جو نگ 180 کان 186 تائين وڃي سگهي ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ پنجاب جي پارليماني پارٽي اجلاس ۾ 163 صوبائي اسيمبلي جا ميمبر شريڪ ٿيا. هن چيو ته 1970ع جي اليڪشن پاڪستان جي سياست کي عوامي رنگ ڏنو جڏهن ته 2018 جي اليڪشن ۾ ووٽرن واضح پيغام ڏنو ته اسان کي روايتي سياست نه گڊ گورننس کپي. پي ٽي آءِ جي نائب چيئرمين چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ ميمبرن کي ٻڌايو آهي ته اسان جي آڏو ڪهڙا چيلينج آهن ۽ اسان کي ڇا ڪرڻو آهي. هن چيو ته عمران خان هدايت ڪئي آهي ته جنهن کي به هو نامزد ڪندو ان جي حمايت ڪرڻي آهي. هن چيو تهڏهن کان تحريڪا انصاف جي اميد لڳي آهي آهستي آهستي رپيو ۽ اسٽاڪ مارڪيٽ مضبوط ٿيندي پئي وڃي. اسان هڪ منشور ڏنو آهي ڪوشش آهي ته ان تي ديانتداري سان عمل پيرا ٿيون.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟