آصف زرداريءَ خلاف سوئس ڪيس ٻيهر نه ٿا کولي سگهون: نيب جو سپريم ڪورٽ کي جواب

0Shares

اسلام آباد(بيورو) نيب طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف سوئس بينڪ ڪيس ٻيهر نٿا کُلي سگهن. نيب اين آر او ڪيس بابت پنهنجو جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آصف علي زرداري جي خلاف سوئس ڪيسن کي ٻيهر نٿو کولي سگهجي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت پاڪستان سوئس ڪيسن ۾ قانوني ميعاد دوران اپيل داخل ناهي ڪئي. نيب طرفان سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته آصف علي زرداري جي خلاف ڪيس نيب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن. نيب جي جواب ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته انڪوائري ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل ملڪ قيوم جي خلاف اختيارن جو ناجائز استعمال ثابت ناهي ٿيو ۽ ملڪ قيوم جي خلاف انڪوائري سيپٽمبر 2012ع ۾ بند ڪري ڇڏي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں