سپريم ڪورٽ اين اي 131 تي ٻيهر ڳڻپ وارو حڪم معطل ڪري ڇڏيو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 131 لاهور ۾ ٻيهر ڳڻپ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو حڪم معطل ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. عام چونڊن ۾ ڄاڻايل تڪ تي عمران خان  ن ليگي اڳواڻ خواجا سعد رفيق کي 680 ووٽن تان شڪست ڏني هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي اليڪشن ٽربيونل 4 آگسٽ تي خواجا سعد رفيق جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ۽ اليڪشن ڪميشن اين اي 131 تي عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفيڪشن روڪڻ جو حڪم ڏيندي تڪ ۾ ٻيهر ڳڻپ جو حڪم ڏنو هو. ان ڪري گذريل ڏينهن اليڪشن ڪميشن عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفيڪشن روڪيو، جنهن تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي وڪيل بابر اعواڻ وسيلي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل بينچ اهڙي درخواست تي مختصر ٻڌڻي ڪئي ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست منظور ڪندي اين اي 131 تي ٻيهر ڳڻپ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں