نواز شريف جا پٽ حسن ۽ حسين بليڪ لسٽ ۾ شامل، پاسپورٽ بلاڪ

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري سندن پاسپورٽ بلاڪ ڪيا ويا آهن. اسلام آبادجي احتساب عدالت نيب ريفرنسز ۾ بار بار طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيڻ تي حسن ۽ حسين نواز کي اشتهاري قرار ڏئي انهن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته نيب ٻنهي کي انٽرپول وسيلي ڏيهه آڻڻ جو به فيصلو ڪيو آهي. حسن ۽ حسين نواز جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ لاءِ نيب درخواست ڏني آهي، جنهن تي نگران ڪابينا في الحال ڪو فيصلو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيب جي درخواست تي حسن ۽ حسين نواز جا نالا بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندن پاسپورٽ پڻ بلاڪ ڪيا ويا آهن، جنهن کانپوءِ ٻئي ڄڻا پاڪستاني پاسپورٽ تي دنيا ۾ ڪٿي به سفر نٿا ڪري سگهن.

اپنا تبصرہ بھیجیں