انجلينا جولي بريڊ پٽ کان طلاق وٺڻ وارو ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

نيويارڪ(شوبز نيوز) هالي ووڊ اداڪاره انجلينا جولي پاران مڙس بريڊ پٽ کان طلاق وٺڻ وارو ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. انجلينا ،ڪيس کي هلندڙ سال ختم ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي ، سندن طلاق جو ڪيس ٻن سالن کان هلندڙ آهي . انجلينا  جولي جي وڪيل لاس اينجلس جي عدالت ۾ نئين درخواست داخل ڪئي آهي ،جنهن ۾ ڪيس جو هن ئي سال فيصلو ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي . درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بريڊ ٻارن جو خرچ کڻڻ واري معاملي ۾ ذميواري جو ثبوت نه ڏنو  آهي . جولي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ان جو مقصد ٻنهي لاءِ بهتري ۽ زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو کولڻ آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں