سريلنڪا دلچسپ مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا کي چوٿين ون ڊي ۾ 3 رنسن تان شڪست ڏئي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي

0Shares

پاليڪيلي(اسپورٽس نيوز) سريلنڪا دلچسپ مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا کي چوٿين ون ڊي ۾ 3 رنسن تان شڪست ڏئي پهرين ڪاميابي حاصل ڪري ورتي، ڏکڻ آفريڪا جو ڪلين سوئيپ ڪرڻ وارو خواب چڪنا چور. تفصيل موجب  پاليڪيلي ۾ کيڌيل مئچ ۾ سريلنڪا پهرين بيٽنگڪندي برسات سبب 39 هن اوورن تي مشتمل راند ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 306 رنسن جو پهاڙ ٺاهي ورتو. دامن شننڪا 65، ڪسل پريرا ۽ ٿسارا پريرا 51-51 ۽ اپل ٿرنڪا 36 ۽ ڊڪويلا 34 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. لنگي نگڊي ۽ جي پي ڊمني 2-2 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ٻي اننگ شروع ٿيڻ کان اڳ ٻيهر تيز برسات شروع ٿي وئي ۽ مئچ 21 اوورن تائين محدد ڪري ڏکڻ آفريڪا کي ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 191 رنسن جو هدف ڏنو ويو.  ڏکڻ آفريڪا طرفان هاشم آملا 40، جي پي ڊومني 38، ڊي ڪوڪ 23 ۽ ملر 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڏکڻ آفريڪا 21 اوورن ۾ 9 وڪيٽون وڃائي 187 رنسون ٺاهي سگهي. اهڙي طرح سريلنڪا ڏکڻ آفريڪا کي سخت مقابلي بعد 3 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. سريلنڪا طرفان لڪمل 3، ٿسارا پريرا 2، دننجايا، شاناڪا ۽ ڊي سلوا هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں