اسٽار آل رائونڊر شاهد آفريدي ڪيريبيئن پريميئر ليگ کان ٻاهر

ڪراچي(اسپورٽس نويز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان بوم بوم آفريدي گوڏي جي انجري سبب ڪيريبين پريميئر ليگ کان ٻاهر ٿي ويو. سماجيرابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي مداحن کي پيغام ڏيندي شاهد آفريدي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته گوڏي ۾ تڪليف سبب هو ڪيريبين پريميئر ليگ نه کيڏندو. شاهد آفريدي جو چوڻ هو ته ويهي ٽيم کي سپورٽ ڪندس. هن چيو ته اميد آهي ته عماد وسيم منهنجي جاءِ تي کيڏندو. اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي کي ڪيريبين پريميئر ليگ ۾ جميڪا تلاواز جي نامئندگي ڪرڻي هئي، ڪيريبين پريميئر ليگ ۾ آفريدي کان علاوه قومي ٽيم جا ٻيا رانديگر شعيب ملڪ، عماد وسيم، ڪامران اڪمل ۽ ٻيا حصو وٺي رهيا آهن. واضح رهي ته بوم بوم آفريدي پي ايس ايل ٿري ۾ هڪ ميچ کان اڳ پريڪٽس دوران گوڏي جي انجري جو شڪار ٿيو هو.

اپنا تبصرہ بھیجیں