اليڪشن ڪميشن نه ڄاڻ ڪيئن ڪم پئي ڪري، آر ٽي ايس سسٽم ويهي ويو، اسان وٽ ڪيس آيو ته ڪهڙو فيصلو ڪريون: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته خبر ناهي اليڪشن ڪميشن ڪيئن هلي رهيو آهي، مان چيف اليڪشن ڪمشنر کي 3 ڀيرا ڪال ڪئي، جيڪا هن اٽينڊ ئي نه ڪئي، شايد هو سمهي رهيو هو. اها ڳالهههن نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ جي حوالي سان هڪ درخواست جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چئي. سپريم ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي مخصوص سيٽ تي اميدوار عابدا راجا جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته چونڊ واري ڏينهن اليڪشن ڪميشن جو آر ٽي ايس هليو ئي نه، هاڻ اسان وٽ ڪيس ايندا، خبر ناهي اسان ڇا فيصلو ڪيون. سندس چوڻ هو ته چونڊ واري ڏينهن ڪجهه درست هلي رهيو هو ته اوچتو آر ٽي ايس خراب ٿي ويو، ان ڏينهن مان چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا خان سان 3 ڀيرا رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن منهنجي ڪال تي ڪو ريپلاءِ نه ڏنو، منهنجي خيال ۾ شايد هو سمهي رهيو هو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں