اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان 2018 جي عام چونڊن بعد نون چونڊيل اسمبلي ميمبرن جي ڪاميابيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. جاري ڪيل پڌرائي موجب اميدوارن جي ڪاميابي جا سمورا نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن جي ويب سائٽ تي جاري ڪيا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن موجب عدالتن طرفان روڪيل نوٽيفڪيشن جاري ناهن ڪيا ويا. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب 4 آگسٽ تائين چونڊن جي خرچ جا تفصيل ملڻ بعد اميدوارن جي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا. ڪامياب اميدوارن جي نوٽيفڪيشن بعد آزاد اميدوارن کي 3 ڏينهن اندر ڪنهن به سياسي پارٽي جو حصو بڻجڻو پوندو. 8 آگسٽ جي سياسي پارٽي جي ترجيحي فهرستن موجب عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص سيٽن تي اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويندو. شيڊول موجب 9 آگسٽ تائين قومي ۽ صوبائي اسمبلين جي سمورين ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا. جنهن بعد ملڪ جو صدر قومي ۽ چئني صوبائي اسمبلين جي اميدوارن جو اجلاس طلب ڪندو. پهرين اجلاس ۾ چونڊيل ميمبر پاڻ حلف کڻڻ کانسواءِ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر، قائد ايوان(وزيراعظم) جي چونڊ ڪندا. ياد رهي ته غير سرڪاري نتيجن موجب قومي اسمبلي ۾ تحريڪ انصاف 116، مسلم ليگ ن 64. پيپلز پارٽي 43 ايم ايم اي 12 سيٽن سان گڏ نمايان آهن جڏهن ته 13 آزاد اميدوار پڻ حڪومت سازي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. اليڪشن ڪميشن طرفان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 849 تڪن تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا. جن مان 815 اميدوار ڪامياب ٿيا آهن. قومي اسيمبلي 272 مان 261 تڪن تي ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا. اين اي 90 ۽ 91 جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو. اين اي 108 ۽ 112 جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويو. اين اي 140 ۽ 215 جو نوٽيفڪيشن پڻ روڪيو ويو. پنجاب اسيمبلي جي 297 مان 290 اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي جي 130 مان 123 اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ڪي پي ڪي جي 99 مان 94 تي ڪاميابي جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا. بلوچستان جي 51 مان 42 اميدوارن جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيوويو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جو قومي اسيمبلي جي ٻن تڪن تي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن ۾ ڪامياب اميدوارن جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن پر عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن سبب ڪجهه تڪن جا نوٽيفڪيشن روڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سڄي ملڪ مان قومي اسيمبلي جي 5 تڪن تان سيٽون کٽيون آهن پر اليڪشن ڪميشن سندس ٻن تڪن ۾ ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب اين اي 53 اسلام آباد جو نوٽيفڪيشن حتمي فيصلي تائين روڪيو ويو آهي، جڏهن ته عمران خان جو اين اي 131 تان ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن لاهور هاءِ ڪورٽ تي حڪم تي روڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب عمران خان جو بنون، ڪراچي ۽ ميانوالي ۾ ڪاميابي جو مشروط نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، ٽنهي تڪن ۾ عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن اليڪشن ڪميشن جي فيصلي سان مشروط آهي. عمران خان جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن ضابطي جي ڀڃڪڙي سبب روڪيو ويو آهي، ڇو ته سندس خلاف ضابطي جي ڀڃڪڙي جو ڪيس اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي. هوڏانهن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي 32 تڪن جا نتيجا روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو نتيجا روڪي ويندڙن ۾ 15 قومي ۽ 17 صوبائي تڪ شامل آهن. خانگي ٽي وي موجب نتيجا ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ، عدالتي حڪمن سبب روڪيا پيا وڃن اين اي 25 روشهرو مان پرويز خٽڪ، اين اي 73 سيالڪوٽ مان خواجه آصف، اين اي 90 مان پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اميدوار حامد حميد ۽ اين اي 91 مان ذوالفقارڀٽي جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيندو اهڙي طرح اي اي 108 فيصل آباد مان پي ٽي آءِ جي فرخ حبيب اين اي 112 ٽوباٽيڪ سنگهه مان ليگي اميدوار جنيد انوار چوڌري اين اي 131 لاهور مان عمران خان، اين اي 140 قصور مان پي ٽي آءِ جو سردار طالب اين اي 215 سانگهڙ مان پ پ پ جو نويد ڏيرو ۽ اين اي 106 فيصل آباد ۾ رانا ثناءُالله جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ 123، 118، 76، 26، 177، 129، 128 ۽ 285 جا نوٽيفڪشن روڪيا ويا سنڌ اسيمبلي جي 54، 48، 82 جا نوٽيفڪشن روڪيا ويا آهن.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟