اين آر او ڪيس ۾ پرويز مشرف، آصف زرداري، ملڪ قيوم کان ملڪيتن جا تفصيل طلب

0Shares

اسلام آباد (بيورو)سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ پرويز مشرف جي پرڏيهي اثاثن جا تفصيل ٻيهر طلب ڪري ورتا آهن.سپريم ڪورٽ ۾ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف، ملڪ قيوم ۽ آصف زرداري جو جواب اچي چڪو آهي، ڇا ٽنهي ماڻهن پنهنجون ٻاهريون ملڪيتون لکت واري جواب ۾ ظاهر ڪيون؟ آصف زرداري جي وڪيل چيو ته ٻاهرين ملڪ ملڪيت جو تفصيل ناهي ڏنو.ان تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ٻاهرين ملڪ جي ملڪيت جو تفصيل ڇو ناهي ڏنو، ٽئي ٻڌائين ته سندن ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر ڪهڙي پراپرٽي ۽ اڪائونٽ آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته چاهيون ٿا ته توهان قوم اڳيان سرخرو ٿيو. جنهن تي آصف زرداري جي وڪيل چيو ته آصف زرداري اليڪشن وڙهي آهي، نامزدگي ڪاغذن سان گڏ حلفي بيان ڏنو آهي، آصف زرداري جا ٻارڙا آزاد ۽ خودمختيار آهن.چيف جسٽس چيو ته ٺيڪ آهي ڪا ڳالهه نه آهي، آصف زرداري پنهنجو ۽ ٻارڙن جو تفصيل ڏئي، جيڪڏهن نه ته ٻارڙن کي ڌار نوٽيس ڪري تفصيل گهرائي وٺون ٿا. جنهن تي آصف زرداري جي وڪيل چيو ته عدالت جيڪو حڪم ڪري تعميل ٿيندي. پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف جي اثاثن جو تفصيل فراهم ڪنداسين. عدالت آصف زرداري، پرويز مشرف ۽ ملڪ قيوم کان پرڏيهي اثاثن جو تفصيل ٻيهر طلب ڪري ورتو. 

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں