عمران خان هيليڪاپٽر ڪيس ۾ نيب ڪي پي ڪي آڏو پيش، هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ پڇاڳاڇا

پشاور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان هيلي ڪاپٽر ڪيس ۾ قومي احتساب بيورو(نيب) خيبرپختونخواهه جي اڳيان پيش ٿيو، جتي کائنس هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. ان موقعي ڪي پي ڪيجو اڳوڻو وڏي وزير پرويز خٽڪ، خيبرپختونخواهه جو اڳوڻو اسپيڪر اسد قيصر پڻ ساڻس گڏ هئا. واضح رهي ته نيب ڪي پي ڪي 3 آگسٽ تي عمران خان کي صوبائي حڪومت جو سرڪاري هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ جي الزام ۾ اڄ طلب ڪيو هو. ذريعن موجب نيب طرفان 15 سوالن تي ٻڌل هڪ سوالنامو عمران خان کي ڏنو ويو. هن ڪيس جي سلسلي ۾ خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير پرويز خٽڪ ۽ ايوي ايشن اختيارين جا بيان اڳ ئي قلمبندٿي چڪا آهن. ياد رهي ته جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال 2 فيبروري تي عمران خان طرفان سرڪاري هيلي ڪاپٽر استعمال ڪرڻ جو نوٽيس ورتو هو. نيب طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سرڪاري هيلي ڪاپٽر ايم آءِ 17 تي 22 ڪلاڪ ۽ ايڪيوريل هيلي ڪاپٽر تي 52 ڪلاڪن تائين سفر ڪرڻ جي ايوريج 28 هزار رپيا في ڪلاڪ جي حساب سان 74 ڪلاڪن جا 21 لک 7 هزار 181 رپيا ادا ڪيا جاري ڪيل پڌرائي موجب چيو ويو آهي ته هڪ رپورٽ موجب عمران خان جيڪڏهن خانگي ڪمپنين کان هيلي ڪاپٽر حاصل ڪري ها ته ايم آءِ 17 هيلي ڪاپٽر جو في ڪلاڪ جو خرچ 10 کان 12 لک رپيا جڏهن ته ايڪيوريل هيلي ڪاپٽر جو في ڪلاڪ جو خرچ 5 کان 6 لک رپيا ادا ڪرڻو پوي ها.5

اپنا تبصرہ بھیجیں