پئسا چوري ڪري ٻاهر موڪليا پيا وڃن، 600 ارب ڊالر ملي سگهن ٿا: چيف جسٽس

0Shares

اسلام آباد(م ڊ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته مون کي ڄاڻ آهي ته ماڻهن ٻاهر پيسا لڪايا آهن، اسان کي بنا سبب جي ايف آءِ اي کي تنقيد جو نشانو ناهي بنائڻو، منهنجي اندازي موجب اسان کي 600 ارب ڊالر ملي سگهن ٿا. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ پرڏيهه ۾ ملڪيت ۽ بينڪ اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. احمر بلال صوفي عدالت کي ٻڌايو ته ان ڪيس جون 2 ڪيٽيگريز آهن، هڪ غير معروف ۽ ٻي سياسي ماڻهو آهن. چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته تمام گهڻا پيسا پاڪستان کان ٻاهر هليا ويا، سوئٽزرلينڊ اڪائونٽ کليل آهن، پرڏيهه ۾ ملڪيت خريد ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ايف بي آر ۽ اسٽيٽ بينڪ جون پنهنجون مجبوريون آهن، هتان پيسا چوري ڪري ٻاهر اماڻيا پيا وڃن، اسين هڪ هزار ماڻهن جي سڃاڻپ ڪري وٺون ٿا، پيسا ان ڪري ٻاهر رکندا آهن ته جيئن ظاهر نه ڪرڻا پون. گورنر اسٽيٽ بينڪ طارق باجوه عدالت کان 2 مهينن جو وقت گهري ورتو، عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں