نجم سيٺي ۽ شڪيل شيخ کي هٽايو، 6 ريجنل صدرن جو عمران خان کان مطالبو

 اسلام آباد  (اسپورٽس نيوز)  عمران خان سان 6 ريجنل  صدرن جي ملاقات، نجمه سيٽي کي هٽائڻ جو مطالبو، نجم سيٺي جي لاءِ نئين مشڪلات پيدا ٿي ويئي.  6 ريجنل صدر عمران خان وٽ پهچي ويا. نجم سيٺي ۽ شڪيل شيخ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.  چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان سان بني گالا ۾ ملاقات ڪندڙن ۾ فيصل آباد، ڊيرا مراد جمالي، حيدرآباد، آزاد ڪشمير  سميت 6 ريجنل  صدرن ملاقات ڪئي. سندن چوڻ هو ته نجم سيٺي جون پاليسيون ڪرڪيٽ  جي لاءِ تباھ ڪن آهن. ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ موجوده پاليسين جي ڪري تباھ  ٿي رهي آهي.  ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي چيئرمين نجم سيٺي  کي آئيني طور تي عهدي تان هٽائڻ جي تياري ڪري ورتي. عمران خان وٽ بطور وزيراعظم چيئرمين پي سي سي بي کي هٽائڻ جو اختيار هوندو.  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آئين جي تحت نجم سيٺي کي برطرف ڪيو ويندو.  وفاقي حڪومت  جي تشڪيل بعد پي سي بي آئين ۾ تبديليون ٿينديون.

اپنا تبصرہ بھیجیں