پي سي بي ڊوميسٽڪ رانديگرن تي به مهربان، پهريون ڀيرو رانديگرن جي فيس ۽ انعام ۾ وڏي پئماني تي واڌ

لاهور (اسپورٽس نيوز) پي سي بي ڊوميسٽڪ رانديگرن ۽ ٽورنامينٽ جي انعامي رقم ۾ به وڏي پئماني تي اضافو ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پهريون ڀيرو سيزن جي شروع ۾ ئي پوري شيڊول جو اعلان ڪري ڇڏيو. قائداعظم جي انعامي رقم ۾ 10 لک رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. ٽورنامينٽ جي قيمت 44 لکن مان وڌائي 54 لک رپيا ڪئي وئي. ٽي ٽونٽي ٽورنامينٽ جي قيمت 49 لکن مان وڌائي 57 لک رپيا ڪئي وئي. رانديگرن جي لاءِ زبردست مالي پئڪيج جو اعلان ڪيو ويو آهي. قاداعظم ٽرافي سان گڏ ون ڊي ٽورنامينٽ چيف سليڪٽر انضمام الحق جي تجويز تي گڏ ٿي ڪرايو پيو وڃي. ون ڊي ٽورنامينٽ جي هر مئچ مختلف گرائونڊن تي ڪرائي ويندي. ان کان اڳ ساڳئي گرائونڊ تي منعقد ڪئي ويندي هئي. قائداعظم ٽرافي جي فيس 25 مان وڌائي 50 هزار ۽ ون ڊي ٽورنامينٽ جي فيس 20 هزار مان وڌائي 25 هزار رپيا ڪئي وئي آهي. ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي فيس 24 مان وڌائي 30 هزار رپيا في مئچ ڪئي وئي آهي. پاڪستان ڪپ ۾ شرڪت ڪندڙ رانديگرن جي في مئچ ۾ معاوضو 30 مان وڌائي 35 هزار رپيا ڪيا ويو. انٽر ريجنل انڊر 19 ٽورنامينٽ جي انعامي رقم ۾ به هڪ لک رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي ٽورنامينٽ جي انعام رقم هاڻي اڍائي لک رپيا ڪئي وئي آهي. سينيئر انٽر ڊسٽرڪٽ جي فاتح ٽيم کي اڍائي لک ملندا. ان انعامي رقم ۾ به هڪ لک رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي. قائداعظم ٽرافي سان گڏ ون ڊي مئچون به ٿينديون جيڪڏهن ڪو ريجنل رانديگر ٻئي مئچون کيڏندو ته ان کي ڊيلي الائونسل ملائي 91 هزار رپيا ملندا. پندره رڪني ٽيم جي باقي رانديگرن کي 34750 رپيا في ڪس ملندا. پي سي بي جي مطابق قائداعظم ٽرافي ۽ ون ڊي ٽورنامينٽ هڪ سيپٽمبر کان 8 سيپٽمبر تائين ٿيندا. جڏهن ته قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ 10 کان 25 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي ريجنل انٽر ڊسٽرڪٽ انڊر 19 هڪ کان 20 جنوري تائين ٿيندو ۽ پاڪستان ڪپ ون ڊي ٽورنامينٽ فيصل آباد ۽ ملتان ۾ ٻه کان 14 اپريل تائين کيڏيو ويندو. قائداعظم ٽرافي گريڊ ٽو 16 اپريل کان 15 مئي تائين سنڌ ۾ ٿيندو. جڏهن ته پيٽرنز ٽرافي گريڊ ٽورنامينٽ 16 اپيل کان 7 مئي تائين ٿيندو.

اپنا تبصرہ بھیجیں