سوشل ميڊيا تي ڌم مچائيندڙ عارف پينٽر، ڳائڻي آئمه بيگ سان گڏ پرفارم ڪندو

0Shares

ڪراچي(شوبز نيوز) فنڪار ڀلي ڪير به هجي، جيڪڏهن ان ۾ ٻين کي متاثر ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي ته ته پوءِ کيس اڳتي وڌڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي. سوشل ميڊيا تي اڄ ڪلهه عارف نالي هڪ پينٽر جا چرچا آهن، جنهن جي سُريلي آواز ٻڌندڙن کي پنهنجو ديوانو بڻائي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ويجهڙائي ۾ فيسبڪ تي ”اڪبر ٽوئيٽ“ نالي هڪ پيج تان عارف جي لائيو ويڊيو شيئر ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ هو هڪ گهر ۾ ڀتن کي پينٽ ڪندي پنهنجي آواز ۾ سُريلا گيت ڳائي رهيو هو. اها ويڊيو تيزي سان وائرل ٿي ۽ هر هنڌ عارف جي آواز جا چرچا ٿيڻ لڳا. ۽ هاڻ عارف 13 آگسٽ تي لاهور ۾ ڳائڻي آئمه بيگ سان گڏ فن جو مظاهرو ڪندو، نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ عارف ٻڌايو ته کيس گلوڪاري جو تمام گهڻو شوق آهي، هو گذريل 12 ورهين کان گيت ڳائي رهيو آهي، ۽ سندس خواهش هئي ته کيس پنهنجو ٽيلنٽ ڏيکارڻ لاءِ باقاعدا پليٽ فارم ملي. پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته هو ڪراچي کان پينٽ جي ڪم سانگي اڪبر ڀائي جي گهر روالپنڊي ويو هو، جتي مان ڀتن تي رنگ ڪرڻ سان گڏ گيت ڳائي رهيو هئس، ان دوران اڪبر ڀائي کي منهنجي آواز تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ هن منهنجي ويڊيو ٺاهي ورتي.عارف ٻڌايو ته اڪبر ڀائي مونکي ٻڌايو  هو ته هو ويڊيو سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري رهيو آهي ته جيئن منهنجو ٽيلنٽ سامهون اچي. هن چيو ته هو تمام جلد لاهور ۾ 13 آگسٽ جي رات ڳائڻي آئمه بيگ سان گڏ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندو. ان موقعي هن پنهنجي سُريلي آواز جو جادو جاڳايو .

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں