“تهران دهشتگردي کي همٿائي پيو” آمريڪا ايران تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون

0Shares

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ،ايران تي هڪ ڀيرو ٻيهر اقتصادي پابنديون مڙهي ڇڏيون جنهن وسيلي تهران جي  آمريڪي ڪرنسي جي پهچ ۽ اهم صنعتن کي نشانو بڻايو ويو آهي جڏهن ته ايران پاران اهڙي پابندي جي مذمت ڪئي وئي آهي . آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن پابندين واري ايگزيڪيٽو آرڊر تي صحيحون ڪيون جنهن کان پوءِ پابندين جي پهرين مرحلي جي  شروعات ٿي وئي جڏهن ته ٻيو مرحلو نومبر ۾ شروع ٿيندو .  پنهنجي بيان ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا ايران سان نئون معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار آهي ،جنهن ۾ تهران جي ناڪاري سرگرمين ، جنهن ۾ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام ۽ دهشتگردي جي حمايت شامل آهي ،انهن بابت به طئي ڪري سگهجي ٿو .  نئين آمريڪي پابندين سبب ايران تي آمريڪي ڊالر خريد ڪرڻ ۽ ايراني ڪرنسي ۾ واپار ڪرڻ تي پابندي هوندي .

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں