اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اهي پيسا چوريءَ جا آهن، حرام جا ناپاڪ پيسا آهن، اسين اهي پيسا هضم ڪرڻ نه ڏينداسين، پيسا ڪارو ناڻو ثابت ٿيو ته نه ڇڏينداسين. جعلي بينڪ اڪائونٽس بابت ڪيس جي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس چيو ته جن جا نالا ڪيس۾ آيا آهن، اهي انڪوائري ۾ شامل ٿي ڪليئر ڪرائين، ڊي جي ايف آءِ اي ڪنهن جي خلاف ڪوڙو ڪيس ڪرايو ته ڪارروائي ٿيندي. جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي ٻڌايو آهي ته 29 ماڻهن جي نالن سان اڪائونٽس کليا آهن، ڪچي آبادي جي رهواسي عمير جي نالي سان اڪائونٽس ۾ ڪروڙ رپين جي ٽرانزيڪشن ٿي، اومني گروپ يا جيڪو به گروپ ان ۾ آهي، ان جو جواب چاهيون ٿا. وڪيل جواب فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪيس ۾ ڪيترائي ماڻهو بدنام ڪيا پيا وڃن. چيف جسٽس چيو ته بشير ميمڻ ۽ سندس ٽيم بنا سبب جي ڪنهن تي الزام لڳايو ته پاڪستان ۾ نه رهندا، ايف آءِ اي جي غلط ڪم کي سپورٽ نه ڪنداسين. چيف جسٽس وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ کان سوال ڪيو ته توهان ڪنهن جي طرفان پيش ٿي رهيا آهيو؟ فاروق ايڇ نائيڪ جواب ڏنو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر طرفان پيش ٿي رهيو آهيان، منهنجو وڪالت نامو عدالت ۾ جمع آهي، عدالت ڪيس جي پبلسٽي روڪي. چيف جسٽس چيو ته ايتري پبلسٽي ته ملندي جيتري اسين ڏينداسين، ڇا ايف آءِ اي کي معاملي جي جاچ جو اختيار ناهي. فاروق ايڇ نائيڪ استدعا ڪئي ته پهريان ڏٺو وڃي ته ڇا ٿيو آهي، ايف آءِ اي مني لانڊرنگ جو گوڙ شروع ڪيو آهي، اسين چاهيون ٿا ته جاچ ٿئي. جسٽس عمر عطا بنديال پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته انهن اڪائونٽس ۾ جيڪي پيسا آهن، اهو ڪارو ناڻو آهي، آسان لفظن ۾ اهي پيسا چوري جا آهن، حرام جا ناپاڪ پيسا آهن، اسين اهي پيسا هضم ڪرڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن ثابت ٿي ويندو ته نه ڇڏينداسين. جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ثابت نه ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ چيف جسٽس چيو ته ثابت نه ٿيو ته توهان جي اصيل کي ديانتداري جو سرٽيفڪيٽ ڏينداسين. ٻڌڻي دوران عدالتي ڪمري ۾ بينڪ جي اڳوڻي ملازمه پنهنجي ڏيڍ سال جي ٻار سميت پيش ٿي ۽ عدالت کي استدعا ڪئي ته مون کي حراسان ڪيو پيو وڃي، منهنجي گهر پوليس آئي، رات 12 وڳي تائين ڌمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، چيو ويو ته گرفتار ڪرڻ جو حڪم آهي پر نرمي سان پيش اچي رهيا آهيون. عدالت آءِ جي سنڌ امجد جاويد سليمي کي اڌ ڪلاڪ ۾ طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ايڊيشنل آءِ جي سنڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس چيو ته توهان پوليس جو قدم درست هجڻ جو جواز پيش ڪري رهيا آهيو، سيڪريٽري اسٽبلشمينٽ کي گهرائي توهان جي خلاف جاچ ڪرايون ٿا، اڄ سڄو ٿاڻو عدالت ۾ موجود هجڻ گهرجي. چيف جسٽس ايڊيشنل آءِ جي کان پڇاڻو ڪيو ته توهان رياست جا ملازم آهيو يا حڪومت جا؟ عدالت اومني گروپ جي اسپانسر مجيد فيملي کي ايندڙ سومر تي طلب ڪري ورتو.
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟