پي ٽي آءِ عمران خان کي وزارت عظميٰ لاءِ اميدوار نامزد ڪري ڇڏيو، سمورا فيصلا عوامي مفاد ۾ ميرٽ تي ڪندس: عمران خان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف پارٽي چيئرمين عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو. عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪرڻ جي رٿ سينئر وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي پيش ڪئي. پارلياماني پارٽي اتفاق راءِ سان عمران خان کي وزيراعظم نامزد ڪري ڇڏيو. پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته جنهن تبديلي لاءِ 22 سال جدوجهد ڪئي اها اچي چڪي آهي. هن چيوته مان وزيراعظم نامزد ڪرڻ تي پارٽيءَ جو ٿورائتو آهيان. ٻئي طرف پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ آمد جي موقعي تي وزيراعظم جو پروٽوڪول ملڻ تي عمران خان ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. عمران خان اضافي پروٽوڪول ملڻ تي نعيم الحق کي گهرائي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سڪيورٽي اختيارين بنا اجازت روٽ ڇو لڳايو آهي. هن چيو ته مان پروٽوڪول وٺڻ چاهيان ٿو ۽ نه وري روٽ لڳائڻ چاهيان ٿو. عمران خان هدايت ڪئي ته اضافي پروٽوڪول جلد ختم ڪيو وڃي.تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته 1970ع ۾ عوام مستحڪم سياسي اشرافيه کي شڪست ڏني، 70ع جي ڏهاڪي کانپوءِ اڄ عوام ٻه پارٽي نظام کي شڪست ڏني آهي، عوام اسان مان روايتي طرز واري سياست ۽ حڪومت جي اميد نه ٿي رکي، عوام اسان کي روايتي سياسي پارٽين کان جدا ڏسي ٿي، 22 سالن جي جدوجهد جو پهريون مرحلو اڄ مڪمل ٿيو، توهان کي قوم جو پئسو بچائڻو آهي ته جيئن عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪري سگهجي، آئون فيصلا ميرٽ تي ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪندس، برطانيا جي طرز تي هر هفتي بطور وزيراعظم هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب ڏيندس، وزيرن کي پڻ صحيح معنيٰ ۾ جوابده بڻائينداسين. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي پهرين باضابطا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ائين تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ئي ٿئي ٿو جو ٻه پارٽي نظام ۾ ٽئين پارٽي کي موقعو ملي، عوام تبديلي لاءِ نڪتي ۽ هن پنهنجو فيصلو تحريڪ انصاف جي حق ۾ ڏنو آهي، پوري ملڪ ۾ جنهن اميدوار جو چهرو تبديلي سان نه ملندو هو ان کي عوام رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته مون تي اڄ سڀ کان وڏي ذّميواري اچي وئي آهي ڇو ته تحريڪ انصاف جو اقتدار چئلينجن سان ڀريل آهي. هن چيو ته عوام اسان مان روايتي طرز سياست ۽ حڪومت جي اميد نه ٿي رکي، جيڪڏهن روايتي طرز حڪومت اختيار ڪئي ته عوام اسان کي پڻ غضب جو نشانو بڻائيندي. عمران خان نون چونڊيل ميمبرن تي زور ڏنو ته عوام توهان جو طرز سياست ۽ ڪردار ڏسندي ۽ ان موجب پنهنجو ردعمل ڏيندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ جڏهن تحريڪ انصاف کي حڪومت جو موقعو مليو ته 70 سيڪڙو صنعتون بند هيون، سرمايو ۽ ذهانت ٻئي پختونخواهه مان نڪري چڪا هئا، ڀنگ لاءِ اغوا هڪ صنعت بڻجي چڪي هئي پر اسان اتان جي ڪلچر کي تبديل ڪيو ۽ پختونخواهه جي عوام تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ڪوشش کي ساراهيو. هن چيو ته عوام اسان کي روايتي سياسي پارٽين کان جدا ڏسي ٿو، چونڊيل نمائندن کي پڻ عوام جي اميدن تي پورو لهڻو آهي. عمران خان چيو ته آئون پاڻ مثال بڻجندس ۽ توهان سڀني کي پڻ مثال بڻجڻ جي تلقين ڪندس. هن چيو ته توهان کي ٽيم جي حيثيت سان مڪمل اتحاد ۽ اتفاق اختيار ڪرڻو آهي ته جيئن صحيح معنيٰ ۾ ملڪ ۽ قوم جي اعتماد تي پورو لهي سگهجي. هن چيو ته عوام چاهي ٿي ته پارليامينٽ انهن لاءِ قانونسازي ڪري جنهن لاءِ عوام توهان کي پارليامينٽ ۾ موڪليو آهي ته جيئن توهان هيٺئين طبقي کي مٿي آڻيو، عوام توهان طرف ڏسي رهيو آهي ته توهان انهن لاءِ پاليسيون ٺاهيو، جدوجهد سان ڀرپور زندگي لاهن چاڙهن سان ڀريل هوندي آهي، اسان جي اها جدوجهد پاڪستان جو مستقبل بدلائيندي. هن چيو ته 22 سالن جي جدوجهد جو پهريون مرحلو اڄ مڪمل ٿيو، هن چيو ته  ٻئي مرحلي جي لاءِ مون 22 سال تياري ڪئي. هن چيو ته اڄ اخلاقي طور تي ڪمزور ترين مخالف ڌر سامهون آهي، مخالف ڌر وٽ مولانا فضل الرحمان ته آهي پر اخلاقي روحاني قوت کان محروم آهي، اڄ الله توهان کي اخلاقي برتري ڏني آهي، توهان کي عوام جي پئسي کي الله جي امانت سمجهڻو آهي، توهان کي قوم جو پئسو بچائڻو آهي ته جيئن عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪري سگهجي، آئون فيصلا ميرٽ تي ۽ قوم جي مفاد لاءِ ڪندس، آئون توهان کان ان شيءَ جي ڪڏهن به گهرج نه ڪندس جنهن تي آئون پاڻ عمل نه ڪريان. هن چيو ته برطانيا جي طرز تي هر هفتي بطور وزيراعظم هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب ڏيندس، وزيرن کي پڻ صحيح معنيٰ ۾ جوابده بڻائيندس.

اپنا تبصرہ بھیجیں