فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد ريفرنس منتقل ٿي سگهي ٿو نه جج ڌار ٿي سگهي ٿو: نيب

0Shares

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف وڌيڪ ٻن ريفرنسز جي منتقلي بابت اپيل جي ٻڌڻي دوران نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل دليل ڏيندي چيو فرد جرم لاڳو ٿي وڃي ته ريفرنس منتقل نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي رڳو ان بنياد تي ڪنهن جج کي ڌار ڪريسگهجي ٿو ته ان ڪنهن هڪ ڪيس ۾ فيصلو ڏنو آهي. واضح رهي ته نواز شريف طرفان فليگ شپ انويسٽمينٽ ۽ العزيزيا اسٽيل ملز ريفرنس احتساب عدالت جي جج محمد بشير کي ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، جيڪو نواز شريف، سندس ڌيءُ مريم ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر خلاف ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزا ٻڌائي چڪو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ ميان گل حسن اورنگزيب اڄ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي دليلن ۾ عدالتي فيصلن جا حوالا پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ريفرنسز جي منتقلي خلاف به دليل ڏنا. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت جو جج محمد بشير 10 مهينن کان العزيزيا ۽ فليگ شپ ريفرنس ٻڌي رهيو آهي ۽ ان جو تجربو به ٻين موجود ججن کان وڌيڪ آهي. سردار مظفر عباسي دليل ڏيندي چيو ته هڪ سٺو وڪيل پنهنجي دليلن ۽ بهتر بچاءَ سان جج جو ذهن تبديل ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏنا ته هي اهڙو ڪيس آهي، جنهن سان حقيقتون ڳنڍيل آهن، گڏ ئي هن پڇاڻو ڪيو ته اهو ٻڌايو انهن حقيقتن کي ٻئي ڪيس ۾ ڪيئن الڳ ڪري سگهجي ٿو؟ جسٽس گل حسن جو چوڻ هو ته هي معمولي نوعيت جو ڪيس ناهي، هي انهن ڪيسن سان نٿو جوڙي سگهجي، جيڪي اسان روز ٻڌندا آهيون. ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب سردار مظفر عباسي چيو ته ٽئي ريفرنس گڏ ڪرڻ جي درخواست رد ٿيڻ تي سپريم ڪورٽ سان رابطو نه ڪيو ويو، هي ٽئي ريفرنس هڪ ئي نوعيت جا ناهن. سندس چوڻ هو ته رڳو ان لاءِ جج کي ڌار نٿو ڪري سگهجي ته هن ڪنهن هڪ ڪيس ۾ فيصلو ڏنو آهي، ان سان هڪ قسم جا سمورا ڪيس ئي ٻڌڻ ڏکيو ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن اها روايت بڻجي وئي ته هر ٻئي ڪيس ۾ نئون جج ڳولڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو فرد جرم لاڳو ٿي وڃي ته ريفرنس منتقل نٿو ٿي سگهي، ريفرنس آخري مرحلن ۾ آهي، تنهن ڪري هاڻ هاءِ ڪورٽ کي ئي فيصلو ڏيڻو آهي. ان سان گڏ ئي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نواز شريف جي اپيل تي ٻڌڻي سڀاڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں