پي ٽي آءِ سان ڳالهين جا اختيار پير پاڳاري حوالي، 14 آگسٽ بعد ڌانڌلين خلاف تحريڪ تيز ڪرڻ جو اعلان

0Shares

ڪراچي(چيف رپورٽر)گرينڊ ديموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي)هڪ دفعو ٻيهر چونڊ نتيجن کي مڪمل طور رد ڪندي آزادي جي ڏهاڙي کانپوء ڌانڌلي خلاف هڙتال ، ڌرڻن ۽ سخت ترين احتجاجي پروگرام جو اعلان ڪيو  آهي، جي ڊي اي واضع  ڪيو آهي ته سنڌ جي عوام پيپلز پارٽي کي ووٽ ن ڏنو آهي پر زبردستي عوامي مينڊيٽ چورائي ان  کي ڪامياب ڪرايو ويو آهي ,جي ڊي اي  جو اهم مشاورتي اجلاس سومر ڏينهن حرن جي روحاني پيشوا جي ڊي اي جي سربراھ  پير صاحب پاڳاري جي صدارت ۾ مرتضي جتوئي جي رهائش گاھ  تي ٿيو ,اجلاس م فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي،سيد غوث علي شاه، ڊاڪٽر فهميده مرزا، مرتضي خان جتوئي، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، سردار علي گوهر خان مهر، اياز لطيف پليجو، غوث بخش خان مهر، سردار عبدالرحيم، شهريار مهر، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سيد ظفر علي شاھ ، حسنين مرزا، مسرور خان جتوئي ، راحيلا گل مگسي، راضي خان جتوئي، ڪشنچند پارواڻي  ۽ ٻين شرڪت ڪئي اجلاس کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي سربراه پير صاحب پاڳاري چيو ته سنڌ جي حقن تي ڪاب سوديبازي ن ڪئي ويندي پي ٽي آءِ  سربراه عمران خان کي به واضع ڪيو آهي ته سنڌ مان ڪرپشن جو خاتمو آندو وڃي  ۽ خاص طور  سنڌ جي ٻهراڻي وارن علائقن لاءِ خصوصي پيڪيج ڏنو وڃي ۽ سنڌ جي  بيروزگارن نوجوانن کي ميرٽ تي وفاق م نوڪريون ڏنيون وڃن ء آبادگارن لاء خصوصي پيڪيج ڏنو وڃي پير صاحب وڌيڪ چيو ته ڀلي وفاق م جي ڊي اي جي نمائندگي گهٽ آهي پر اها فيصلو ڪندڙ آهي ,هن چيو ته جي ڊي اي کي چئني صوبن م مظبوط ڪيو ويندو,پير صاحب واضع ڪيو ته ڌنڌلي واريون چونڊون ڪنهن ب صورت م قبول ن ڪنداسين ,اجلاس م فيصلو ويو ته عمران خان سان وفاقي حڪومت سازي لاء سمورا اختيار پير صاحب حوالي ڪيا ويا ,اجلاس م فيصلو ڪيو ويو ت جشنآزادي واري ڏهاڙي کانپوءِ  احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي ويندي,اجلاس م سنڌ م پاڻي جي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاق کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ مان پاڻي جي کوٽ کي بنا دير ختم ڪيو وڃي  اجلاس کانپوء صحافين کي بريفنگ ڏيندي فنڪشنل ليگ سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاه چيو ته سنڌ م جي ڊي اي کي هارائڻ لاءِ  جيڪي حربا استعمال ڪيا ويا اهي آهستي آهستي سب وائکا ٿيندا,هن چيو ته اليڪشن کٽيندڙ ء هارئيندڙ سب پريشان آهن موجوده چونڊون گذريل چونڊن کان بدترين ثابت ٿيون آهن ,سنڌ جي غريب ووٽرن جي ڊي اي جي اميدورن کي بي تحاشا ووٽ ڏنا پر هڪ منصوبي تحت رزلٽ آندي وئي جنهن ڪري ووٽر مايوس آهن انهن کي مايوس ٿيڻ نه گهرجي سنڌ جو اقتدار پندرنهن سالن لاء پيپلز پارٽي حوالي ڪرڻو هو جيڪي ملوث هئا اهي وائکا ضرور ٿيندا,هن چيو ته جن کي سنڌ جو اقتدار پليٽ م وجهي ڏنو ويو آهي انهن کي محتاط ٿي حڪومت ڪرڻي پوندي ڪوڙاڪيس داخل ڪرڻ کان پاسو ڪن ائين نه ٿئي جو متاثر ماڻهون انهن کي ريزا ريزا ڪري چڏين ڇاڪاڻ ته انهن کي عوامي مينڊيٽ حاصل نه آهي هي ذوالفقار ڀٽو جي پيپلز نه آهي ڪرپٽ ماڻهن جي پارٽي آهي حڪومت کي  پڇڙي تائين پاڻي پهڇائڻو پوندو,ان موقعي تي سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاه چيو ته سنڌ جي عوام جي فيصلن کي تبديل ڪيو ويو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا ڪڏهن به نتيجا قبول ن ڪنداسين سنڌ م پوري اليڪشن گند سان ڀريل آهي صحافين کي بريفنگ ڏيندي جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري اياز لطيف پليجو چيو ته جي ڊي اي جي اجلاس م فيصلو ڪيو ويو ت عمران خان سان وفاقي حڪومت سازي لاءِ ڳالهين ء فيصلي  جا سمورا اختيار پير صاحب کي ڏنا ويا آهن سنڌ جي حقن تي ڪاب سوديبازي نه ڪئي ويندي سنڌ جي بيروزگار نوجوانن کي وفاقي حڪومت م روزگار ڏيڻ لاء ب پي ٽي آء قيادت آڏو مطالبا رکيا ويندا,شهرن سان گڏ ٻهراڻين لاء خاص پئيڪيج ورتو ويندو,هن چيو ته پيپلز پارٽي کي سنڌ جي عوام تي مسلط ڪيو ويو آهي ,هن چيو ته سنڌ جي عوام لاءِ  پيپلز پارٽي ايتري چهيتي ڪئين ٿي وئي جو ماڻهن ان کي ووٽ نه ڏنا آهن پر ان باوجود ان پهرئين کان گهڻين سيٽن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ,هن چيو ت آبادگار ء استاد پريشان هئا پر مينڊيٽ پيپلز پارٽي کي ڏنو ويو جيڪا تعجب جهڙي ڳالهه آهي ماڻهون اهيو سوال ڪرڻ جو حق رکن ٿا ته بي بي جي شهادت تي به پيپلز پارٽي کي به ايتريون سيٽون نه مليون هيون هاڻي ڪئين ملي ويون پيپلز پارٽي گذريل ڏهن سالن م اهڙو ڇا ڪيو جو اها سنڌ جي پسنديده جماعت بڻجي وئي آهي هن چيو ته اجلاس م جي ڊي اي جي ماڻهن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي به مذمت ڪئي وئي

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں