ملڪ اسد کي حلف کڻڻ کان روڪڻ جو حڪم برقرار، ٻيهر ڳڻپ بابت ٻڌڻيءَ لاءِ لارجر بئنچ جوڙڻ جي سفارش

حيدرآباد(بيورو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد صوبائي تڪ 82 تي ڄامشورو اتحاد جي آزاد اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو پاران ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ واري داخل ٿيل آئيني پٽيشن تي اليڪشن ڪميشن کي آفيشل نتيجا روڪڻ ۽ ملڪ اسد کي حلف کڻڻ کان روڪڻ وارو حڪم برقرار رکندي پٽيشن لاءِ چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سان صلاح مشورو ڪري ٻيهر ڳڻپ جي شنوائي لاءِ اسپيشل لارجز بئنچ قائم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب ڄامشورو جي صوبائي تڪ پي ايس 82 تي مبينا طور ٿيل ڌانڌلي بعد ٻيهر ڳڻپ وارو معاملي تي ڄامشورو اتحاد جي هارايل آزاد اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شورو طرفان نامور قانوندان بئريسٽر فرُخ نسيم معرفت سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد جي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست تي ڪالهه عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي جي موقعي تي پٽيشنر  ڊاڪٽر سڪندر شورو پنهنجي وڪيل بئريسٽر فرخ نسيم سان گڏ عدالت ۾ پهتو. شنوائي وقت ڊاڪٽر سڪندر شورو جي وڪيل بئريسٽر فرخ نسيم، اليڪشن ڪميشن ۽ مبينا طور ڌانڌلي ذريعي پ پ جي ڪامياب اميدوار ملڪ اسد سڪندر جي وڪيل صلاح الدين طرفان ڪمينٽس داخل ڪرايا ويا، جڏهن ته عدالت دليل ٻڌڻ وقت چيو ته 82 جي تڪ جا سرڪاري نتيجا روڪڻ وارو عدالت جو حڪم  بحال رکيو وڃي، جڏهن ته ٻيهر ڳڻپ ڪرائڻ بابت چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ سان صلاح مشورو ڪرڻ سان گڏ ججن تي ٻڌل اسپيشل لارجز بئنچ به قائم ڪيو ويندو، جنهن بعد عدالت تاريخ ڏيڻ کانسواءِ اڻ ڄاڻايل مدي تائين ڪيس جي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي. 

اپنا تبصرہ بھیجیں