برطانيا ۽ امارات ۾ غير منقولا ملڪيت رکندڙ پاڪستانين خلاف ڪارروائي

اسلام آباد (بيورو) ايف بي آر برطانيا ۾ غير منقولا ملڪيت رکندڙ پاڪستانين خلاف کاتيوار ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. فيڊرل بورڊ آف روينيو ٽيڪس ايمنسٽي اسڪيم جو مدو پورو ٿيڻ تي هفتي جي ڏينهن برطانيا ۽ دبئي ۾ ملڪيتون رکندڙ پاڪستاني شهرين کي نوٽيس جاري ڪيا. ايف بي آر جي چيئرپرسن رخسانه ياسمين جو چوڻ آهي ته غير منقولا ملڪيتون رکندڙ پاڪستانين خلاف کاتيوار ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي جيڪا ٽيڪس ايمنسٽي مان فائدو حاصل نه ڪندڙ پاڪستانين خلاف ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته برطانيا ۾ غير منقولا ملڪيتن جي مالڪ پاڪستانين جي ڄاڻ برطانوي ٽيڪس اٿارٽي کان ورتي وئي آهي. ذريعن موجب ايف بي آر طرفان برطانيا ۾ ملڪيتون رکندڙ اهڙن پاڪستاني شهرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن جن ايمنسٽي اسڪيم ۾ ٽيڪس ظاهر نه ڪئي آهي. نوٽيس ۾ پڇا ڪئي وئي آهي ته ملڪيت ڪڏهن ۽ ڪنهن کان خريد ڪئي وئي ۽ جنهن پئسي مان رقم خريد ڪئي وئي اهو پئسو ڪٿان آيو آهي، ان پئس تي ٽيڪس لاڳو ٿي آهي يا نه ٿي آهي. ذريعن موجب نوٽيس اهرن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جيڪي پرڏيهه مان ملڪيتن مان ڀاڙي جي صورت ۾ انڪم حاصل ڪري رهيا آهن. ذريعن موجب نوٽيس اهڙن ماڻهن کي جاري ڪيا ويا آهن جيڪي پرڏيهه ملڪ ملڪيتن مان ڀاڙي جي شڪل ۾ انڪم اوڳاڙي رهيا آهن. ذريعن موجب اهڙن ماڻهن خلاف باقاعده جاچ شروع ڪئي ويندي.

اپنا تبصرہ بھیجیں