مشرف ۽ سندس خاندان خلاف ڪرپشن ڪيس، نيب جو ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کي خط

0Shares

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي صدر پرويز مشرف ۽ سندس خاندان خلاف ڪرپشن ڪيس جي جاچ جي معاملي تي نيب ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کي خط لکي ڇڏيو، جنهن موجب پرويز مشرف ۽ خاندان جي نالي ملڪيت وڪرو يا منتقل نٿي ڪري سگهجي. ميڊيا رپورٽس موجب نيب پاران طلب ڪرڻ باوجود پرويز مشرف ۽ سندس خاندان پيش نه ٿيو، جنهن تي نيب پاران ايڪسائز اينڊ ٽيڪسيشن کي خط لکيو ويو، جنهن ۾ پرويز مشرف ۽ سندس خاندان جي نالي گاڏين جا تفصيل شامل آهن ۽ جاچ مڪمل ٿيڻ تائين گاڏيون ڪنهن ٻئي جي نالي منتقل نه ٿينديون. قومي احتساب بيورو چيف ڪمشنر ۽ ڊي ايڇ اي اسلام آباد کي به خط لکيو، جنهن ۾ چيو ويو ته پرويز مشرف ۽ سندس خاندان جي نالي ملڪيت به وڪرو يا منتقل نٿي ڪري سگهجي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں