دنيا ۾ جنت جهڙي ڪشمير جو ڪو به جواب ناهي:شهزاد راءِ

 ڪراچي(شوبز نيوز) ناليواري پاڪستاني گلوڪار ۽ سماجي ڪارڪن شهزاد راءِ چيو آهي ته مان سڄي دنيا گهمي آهي، پر جنت جهڙي ڪشمير جو ڪو به جواب نه آهي. گلوڪار شهزاد راءِ نه صرف بهترين گلوڪار آهي پر هن سماجي خدمتن لاءِ پڻ ڪم ڪيو آهي. جڏهن ته سياحت جو به شوق رکي ٿو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي خوبصورت جاين جو سير ڪري چڪو آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق شهزاد راءِ پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو آهي ته هن دنيا جي مختلف خوبصورت جاين جو سير ڪيو آهي، جڏهن ته ڪشمير جي ڳوٺ آرانگ ڪيل کان وڌيڪ دنيا جي ڪابه جاءِ خوبصورت نه آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ سياحت کي هٿي وٺرائڻ جا موقعا موجود آهن. شهزاد راءِ جو چوڻ آهي ته هو پاڪستان سان بيحد محبت ڪري ٿو، پاڪستان ۾ قدرت جا ڪيترائي خزانا موجود آهن جن کي استعمال ڪري اسان پرڏيهي قرضن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهون ٿا. واضح رهي ته شهزاد راءِ پاڪستان جي خوبصورتي ۽ ماڻهن لاءِ هر وقت سرگرم رهندو آهي. پاڪستان لاءِ بهتري سماجي خدمتون انجام ڏيڻ لاءِ هن کي پاڪستان جي سڀ کان وڏي سول اعزاز ستاره امتياز سان پڻ نوازيو ويو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں