بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي 19 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان کٽي ورتي

فلوريڊا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ٽي ٽوئنٽي جي ٽئين مئچ ۾ ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت ويسٽ انڊيز کي 19 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-2 تان کٽي ورتي. تفصيل موجب آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ منعقد ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ٽئين ۽ فيصلائتي مئچ ۾ بنگلاديش ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 5 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون، اوپنر لٽنداس 61، محمود الله ناقابل شڪست 32، شڪيب الحسن 24 ۽ تميم اقبال 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڪريگ بريٿ ويٽ ۽ ڪيمو پائول 2-2 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري. جوابي اننگ ۾ ويسٽ انڊين بيٽسمين حريف بالرن اڳيان بي وس نظر آيا ۽ لاڳيتو وڪيٽون ڪرنديون رهيون، ڪيريبيئن ٽيم 17.1 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاهيون ته برسات سبب وڌيڪ راند ممڪن نه ٿي سگهي، ايئن بنگلاديش ڊڪ ورٿ لوئس ميٿڊ تحت 19 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪري سيريز 1-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي. لٽن داس مئچ ۽ شڪيب الحسن سيريز جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں