قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان، فيس ۾ 25 کان 30 سيڪڙو واڌ

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ رانديگرن لاءِ نئين سينٽرل ڪانٽريڪٽ جو اعلان ڪري ڇڏيوآهي، جنهن موجب تجربي ڪار آل رائونڊر محمد حفيظ کي اي مان بي ڪي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. پي سي بي قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ۽ سينيئر رانديگرن جي صلاح مشوري کانپوءِ نئون سينٽرل ڪانٽريڪٽ تيار ڪيو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان 33 رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ڏنو ويو آهي ۽ رانديگرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي فيس ۾ 25 کان 30 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل رانديگرن کي اي، بي، سي، ڊي ۽ اي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي. اي ۽ بي ڪيٽيگري ۾ 6-6 رانديگر شامل آهن، جڏهن ته سي ڪيٽيگري ۾ 9، ڊي ۾ 5 ۽ اي ڪيٽيگري ۾ 7 رانديگرن کي رکيو ويو آهي. پي سي بي طرفان اي ڪيٽيگري ۾ ڪپتان سرفراز احمد، شعيب ملڪ، اظهر علي، محمد عامر، ياسر شاهه ۽ بابر اعظم شامل آهن. بي ڪيٽيگري ۾ فهيم اشرف، اسد شفيق، حسن علي، فخر زمان، شاداب خان ۽ محمد حفيظ کي رکيو ويو آهي. سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي سي ڪيٽيگري ۾ عماد وسيم، محمد عباس، وهاب رياض، جنيد خان، حارث سهيل، امام الحق، محمد نواز، عثمان خان شنواري ۽ شان مسعود شامل آهن، جڏهن ته ڊي ڪيٽيگري ۾ رومان رئيس، آصف علي، راحت علي، عثمان صلاح الدين ۽ حسين طلعت کي شامل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت بلال آصف، سعد علي، محمد رضوان، شاهين شاهه آفريدي، صاحبزادا، عميد آصف ۽ مير حمزا کي اي ڪيٽيگري ۾ رکيو ويو آهي.

اپنا تبصرہ بھیجیں