افتتاحي مئچ ۾ خان اسپورٽس ڪلب 0-3 تان جي پي سي ايل ڄامشورو کي هارائي ڇڏيو

ٽنڊوڄام (اسپورٽس نيوز) سنڌ فٽبال ايسوسيئشن پاران ڊائريڪٽوريٽ آف اسپورٽس زرعي يونيورسٽي جي سھڪار سان آل سنڌ انٽر ڊسٽرڪٽ جشن آزادي فٽبال چيمپيئن شپ زرعي يونيورسٽي جي فٽبال ڪورٽ ۾ شروع ٿي ويئي آھي. جنھن جو افتتاح ضلعي ڪائونسل حيدرآباد جي چيئرمين بدر احمد ميمڻ ۽ پ پ ايم پي اي شرجيل انعام ميمڻ جي ڪوآرڊينيٽر ذيشان ميمڻ ڪيو. چيمپيئن شپ جو پھريون ميچ خان اسپورٽس ڪلب ۽ جي پي سي ايل ڄامشورو وچ ۾ کيڏيو ويو. جيڪو خان اسپورٽس ڪلب 0-3 تان کٽي ورتو. چيمپيئن شپ جو ٻيون ميچ ھزاره فٽبال ڪلب ۽ قاسم آباد فٽبال ڪلب وچ ۾ کيڏيو ويو. جيڪو ھزاره فٽبال ڪلب 2-6 تان کٽي ورتو. چيمپيئن شپ جي افتتاحي تقريب کي مھمان خاص ضلعي چيئرمين بدر احمد ميمڻ ۽ ذيشان ميمڻ خطاب ڪندي چيو ته اھڙي قسم جي مقابلن سان نوجوان ذھني ۽ جسماني طور صحتمند رھن ٿا ۽ نوجوانن جو راندين ۾ شوق وڌي ٿو. ھنن چيو ته ضلعي ڪائونسل حيدرآباد، ٽنڊوڄام ۽ ٻھراڙي جي علائقن ۾ راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رھي آھي ته جيئن شھرن سان گڏ ٻھراڙي جي نوجوانن کي به راندين جا بهتر موقعا فراھم ڪري سگھجن. ان موقعي تي ايونٽ سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر اسپورٽس انوار حسين خانزادي خطاب ڪندي چيو ته فٽبال راند کي مقبول ڪرڻ لاءِ ٻي آل سنڌ جشن آزادي فٽبال چيمپيئن شپ منعقد ڪئي ويئي آھي. جنھن ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن جون 16 ٽيمون حصو وٺي رھيون آھن. ھن چيو ته فٽبال جا ٽورنامينٽ منعقد ڪرائڻ بعد فٽبال جي مقبوليت ۾ ڏينھون ڏينھن واڌ ٿي رھي، ۽ نوجوان ڇوڪرن سان گڏوگڏ ڇوڪريون به ھن راند ۾ دلچسپي وٺي رھيون آھن، تنھنڪري سيپٽمبر جي مھيني ۾ لاڙڪاڻو ۾ وومينز فٽبال چيمپيئن شپ پڻ منعقد ڪئي پيئي وڃي. انھي موقعي تي سجاد عالم خانزادو، پ پ ٽنڊوڄام جي صدر شريف قريشي، رحيمداد راجپوت، پرڀو لعل، منظور ميمڻ، سيد حيدر شاھ، غلام حسين ملاح، شاھد ولي، صغير راجپوت، احسن حميد قائمخاني، محمد اختر آرائين، شوڪت سانگي ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.

اپنا تبصرہ بھیجیں