اسلام آباد/لاهور (بيورو+ م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت سازي لاءِ پنجاب اسمبلي ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهيجڏهن ته هاڻ هنن وڏ وزارت سان گڏوگڏ پنجاب جي گورنر لاءِ به ڪوششون تيز ڪري ڇڏيو آهن. تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ ن جي وچ ۾ پنجاب ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڊوڙ هلي رهي آهي ٻنهي پارٽين طرفان حڪومت ٺاهڻ لاءِ آزاد ميمبر جي حمايت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ تحريڪ انصاف 186 ميمبرن جي حمايت سان گڏ اڪثريت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ پڻ سرگرم ٿي ويا آهن جن ۾ عليم خان، فواد چوڌري، سبطين خان، ياسيمن راشد، ميان اسلم اقبال ۽ ياسر همايون جا نالا شامل آهن جڏهن ته ان حوالي سان حتمي فيصلو پارٽي چيئرمين عمران خان کي ئي ڪرڻو آهي.ٻئي پاسي پنجاب جي گورنر لاءِ پڻ اسحاق خاڪواني، بابر اعواڻ، راءِ عزيز الله ۽ اعجاز چوڌري جا نالا سامهون آيا آهن. ذريعن موجب جهانگير ترين گورنر پنجاب جي منصب تي اسحاق خاڪواني کي آڻڻ جو خواهشمند آهي جڏهن عزيز الله پارٽي چيئرمين عمران خان جو اعتماد جوڳو ساٿي آهي. ذريعن موجب اعجاز چوڌري پڻ پارٽي لاءِ خدمتن سبب پنجاب جي گورنر بڻجڻ واري ڊوڙ ۾ شامل آهي جڏهن ته بابر اعواڻ کي مخالف ڌر کي ٽف ٽائم ڏيڻ لاءِ گورنر مقرر ڪرڻ جو تجويز سامهون آئي آهي. تحريڪ انصاف عمران کي وزيراعظم جو باضابطه اميدوار نامزد ڪرڻ لاءِ پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو. عام چونڊن ۾واضح اڪثريت بعد تحريڪ انصاف وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ مصررف آهي ۽ ان سلسلي ۾ کين آزاد اميدوارن سميت اڪيو ڪيو ايم ۽ ق ليگ جي حمايت حاصل آهي. پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري موجب ڪُل پارلياماني پارٽي جو اجلاس اڄ بني گالا ۾ طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سمورن چونڊيل ميمبرن کي شرڪت ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ عمران خان کي وزيراعظم جو باضابطه اميدوار نامزد ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ ترجمان موجب آزاد ميمبرن جي شموليت بعد تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو انگ 125 ٿي ويو آهي جڏهن ته وزيراعظم لاءِ اتحادين، عورتن ۽ اقليتن سان گڏ تحريڪ انصاف جو انگ 174 تائين پهتو آهي جيڪو مخالف ڌر کان وڌيڪ آهي.سندس چوڻ هو ته بلوچستان نيشنل پارٽي جي حمايت بعد نمبر گيم 177 تائين پهچي ويندي.ٻئي پاسي تحريڪ انصاف حڪومت سازي بابت اهم فيصلا ڪري ورتا آهن جنهن تحت امڪاني وزيراعظم عمران خان جي وفاقي ڪابينا مختصر هوندي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان حڪومت سازي بعد پهرين مرحلي ۾ 15 کان 20 وزيرن ٻڌل ڪابينا تشڪيل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب عمران خان جي وفاقي ڪابينا ۾ متحدا قومي موومنٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو به هڪ وزير هوندو ۽ بعد ۾ ايم ڪيو ايم مان هڪ صلاحڪار ورتو ويندو. ذريعن موجب ايم ڪيو ايم کي پورٽ اينڊ شپنگ ۽ محنت ۽ افرادي قوت واري وزارت ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب مسلم ليگ ق جو چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسمبلي ۾ اسپيڪر هوندو جڏهن ته مرڪز ۾ ق ليگ کي ڪا به وزارت نه ڏني ويندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا ۾ بلوچستان، سنڌ، ڪي پي ڪي ۽ پنجاب جي نمائندگي هوندي ۽ وڌيڪ انگ قومي اسمبلي جي ميمبرن جو هوندو جڏهن اتحادين کي به اهم وزارتون ملڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي پهرين ترجيح سادگي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ هوندو ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي عمران خان پاڻ مانيٽر ڪندو. ٻئي طرف تحريڪ انصاف گورنر سنڌ لاءِ عمران اسماعيل جو نالو فائنل ڪري ڇڏيو آهي، عمران خان گورنر سنڌ لاءِ عمران اسماعيل جو نالو فائنل ڪيو.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟