“ڪم نٿا ڪيو ته ڪرسي خالي ڪريو” واٽر ڪميشن جي سربراهه جي سکر ۽ خيرپور جي ڪامورن کي ڇنڊ، صحت ۽ ٻين کاتن جا سيڪريٽري طلب

0Shares

سکر/خيرپور (بيورو+ ڊ ر) سکر واٽر ڪميشن جي سربراھ جسٽس اميرھاني مسلم پاران سکر ۾ پيرمرادشاھ قبرستان،قريشي ڳوٺ ڊرينيج اسڪيم سميت مختلف ھنڌن جي دوري تي پھچي ھلندڙ اسڪيمن جو جائزو ورتو. جسٽس اميرھاني مسلم جي سکر ۾دوري تي پهچڻ ڪري انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو . ميونسپل انتظاميا پاران پير مراد شاهه  قبرستان مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مشينون هلائڻ سان گڏ فائربرگيڊ گاڏين وسيلي رستن تان پاڻي هٽائڻ جو عمل تيزڪيو ويو. جسٽس اميرھاني مسلم پاران پير مرادشاہ قبرستان مان گندو پاڻي نيڪال نه ڪرڻ، قبرستان تان قبضو ختم نه ڪرڻ  ۽ قبرستان جي چار ديواري جو ڪم نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ميئر سکر ارسلان شيخ ۽ بلڊنگ کاتي جي ايڪسئن لطف الله ڦلپوٽو مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته جيڪڏھن توھان شھر جي ڀلائي لاءِ ڪجھه نٿا ڪري سگھو ته فوري ڪرسي خالي ڪري ھليا وڃو ٻي صورت ۾ توھان خلاف سخت ڪاروائي ڪري ڪيس داخل ڪيو ويندو . جسٽس رٽائرڊ اميرھاني مسلم پاران مٺي پاڻي بابت اسڪيمن جو پڻ جائزو ورتو ويو، انهن  جي وقت سر مڪمل ڪرڻ لاءِ ميئر سکر کي ھدايت پڻ ڪئي.  سکر جي ميئر ،سيپڪو پاران واٽر سپلائي الڳ لائن ھڻڻ ۾ دير ڪرڻ جي شڪايت ڪئي وئي جنھن تي واٽرڪميشن جي سربراهه چيف سيپڪو کي ھڪ ھفتي ۾ ڪم مڪمل ڪرڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي . واٽر ڪميشن جي سربراھ پبلڪ ھيلٿ،ميونسپل ڪميشن،بلڊنگ ڊپارٽمينٽ سميت سمورن کاتن جي آفيسرن کي ھدايت ڪئي ته ھو سکر شھر جي مسئلن کي فوري طور تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ، ڪوتاهي ڪندڙن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو . ٻئي طرف چيئرمين واٽر ڪميشن جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم پنهنجي ٽيم ساڻ ڪري خيرپور ميڊيڪل ڪاليج اسپتال جو هنگامي دورو ڪيو. جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم ڪي ايم سي اسپتال ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ هڪ لک گيلن روزاني جي بنياد تي فراهم ڪرڻ وارو آر او پلانٽ لڳائڻ جو اعلان ڪندي واٽر ڪميشن جي ٽيم ميمبر ڊاڪٽر مرتضيٰ ۽ ايم ايس ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو کي آر او پلانٽ 15 ڏينهن اندر فعال ڪرڻ جي ذميواري ڏئي ڇڏي. دوري دوران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور عبدالفتاح هليو، ڊاڪٽر آفتاب لاشاري، پبلڪ هيلٿ جو انجينئر شمس الدين شيخ، ڊي ايس پي سيڪيورٽي مهدي رضا آرائين ۽ ٻيا عملدار توڙي آفيسر وڏي انگ ۾ موجود هئا. دوري دوران اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو چئيرمن واٽر ڪميشن کي اسپتال ۾ اڏاوتي ڪم بابت تفصيل سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسپتال ۾ گهڻائي ڪم رهيل آهن ۽ ٺيڪيدار ڪم ڇڏي هيلو ويو آهي جنهن تي جسٽس رٽائرڊ امير هاني مسلم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي سيڪريٽري بلڊنگ، سيڪريٽري هيلٿ، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز سان گڏ ان وقت جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سريش ڪمار ڪم جي نگران ڪندڙ عبيدالله ميمڻ، ايم ايس ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي 07 آگسٽ تي هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ صبح جو 9.30 وڳي طلب ڪري مڪمل رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن ته ايم ايس ڊاڪٽر محمد حسين ابڙو ڪي ايم سي اسپتال ۾ مسافر خاني، ڌوبي گهاٽ، باورچي خانو، اسٽريٽ لائٽ، اسپتال جي وارڊن جي چوطرف گيلرين ۾ دريون نه هجڻ، ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف جي رهائش، فليٽن ۽ ٻين جڳهن تي رهيل ڪم جي شڪايت ڪئي جنهن تي جسٽس ريٽائرڊ امير هاني مسلم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لاڳاپيل کان جي اعليٰ آفيسرن کي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هوڏانهن  کپرو ۾ انساني صحت لاءِ حاڃيڪار پاڻي جي فراهمي ۽ شهر ۾گندگي جي شڪايتن تي واٽر ڪميشن سربراهه جسٽس امير مسلم هاني کپرو جو دورو ڪيو، دوري دوران کپرو واٽر سپلائي اسڪيم پهتو جتي وڏي تعداد ۾ شهري پهچي شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، شهر ۾ گندگي جا ڍير ۽ واٽر سپلائي جي انتهائي خراب صورتحال ڏسڻ بعد ٽائون عملي کي طلب ڪيو ڪوبه ذميوار آفيسر موجوده نه هو ٽائون چيئرمين وسيم قائمخاني، ٽي ايم او بگن نندواڻي سميت ٻيو عملو پڻ غير حاضر هو، سب انجنيئر ثنا الله جوڻيجو پهتو جنهن کي جسٽس امير مسلم هاڻي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندو شهرين جون شڪايتون ٻڌايو ۽ سيڪريٽري بلديات کي فون ڪري کپرو جي عملي کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي ان موقعي تي شهرين شڪايتون ڪيون ته کپرو ۾ 2 ڪروڙ روپيا ماهانه فن هڙپ ٿي وڃي ٽائون چيئرمين ڪرپشن جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن جنهن جي ڪري شهرين کي پيئڻ جو پاڻي به صاف نٿو ملي گندگي سبب ماڻهن ۾ بيماريون پهلجي رهيون آهن امير مسلم هاڻي اهڙي صورتحال تي کپرو جي ٽائون چيئرمين وسيم قائمخاني ۽ ٽي ايم او کپرو 7 تاريخ تي ريڪار سميت طلب ڪري ورتو جڏهن ته جسٽس امير مسلم هاڻي اڇڙو ٿر جي عوام کي 3 ارب جي لاڳت سان ٺهنڙ واٽر سپلائي اسڪيم جو پڻ دورو ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں