ن لگ صدر شهباز شريف اين اي 249 جي نتيجي کي چئلينج ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ن ليگ صدر شهباز شريف اين اي 249 جي نتيجن خلاف اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير پنهنجي درخواست ۾ چيو آهي ته تڪ ۾ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ درست نه ڪئي وئي. شهباز شريف جي درخواست جي متن موجب رد ٿيل ووٽن جي ڀيٽ ۾ کٽيندڙ جي ووٽن جو فرق رڳو ڪجهه سئو جو آهي. هن درخواست ڪئي آهي ته اليڪشن ڪميشن اين اي 249 ۾ چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏئي ۽ اميدوار جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو وڃي. درخواست بئريسٽر ظفرالله طرفان اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. واضح رهي ته اين اي 249 ۾ شهباز شريف کي تحريڪ انصاف جي فيصل واوڊا هٿان شڪست ملي هئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں