هند ۽ سنڌ جي ناليواري ليکڪا ڪلا پرڪاش هميشه لاءِ موڪلائي وئي

0Shares

ڪراچي (م ڊ) هند ۽ سنڌ جي ليکڪا ڪلا پرڪاش مختصر  بيماري کان پوءِ  ڀارت ۾ ديهانت ڪري وئي . ڪلا پرڪاش جي اوچتي لاڏاڻي کان پوءِ هند ۽ سنڌ  جي ادبي حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ ادبي حلقن پاران ڪلاپرڪاش جي وڇوڙي کي سنڌي ادب جو تمام وڏو نقصان قرار ڏنو  ويو آهي . سنڌ جي چيڪي مٽي مان جنم وٺندڙ ڪلا پرڪاش ادب جي آسمان تي هڪ چمڪندڙ ستاري وانگر اڀري ۽ هند سنڌ کي پنهنجي علمي سوجهري سان روشن ڪيو . ڪلاپرڪاش بنيادي طور تي هڪ ڪهاڻيڪاره ۽ ناول نگار هئي ، جنهن ڏيهه جي ڏکايل ۽ دردوندن کي پنهنجي ڪهاڻين  ۽ ناولن جو موضوع بڻايو . هن 1953 ع کان سنڌي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون سندس پهرين ڪهاڻي “بيڏوهي ” هئي جيڪا ممبئي مان ڇپجندڙ رسالي نئين دنيا ۾ ڇپي . ڪلا پرڪاش ، 1954 ع ۾ ناليواري ليکڪ موتي پرڪاش سان لائون لڌيون . ڪلا پرڪاش ، 1977 ع ۾ پنهنجي ورَ  ۽ ٻارن سان گڏ دبئي لڏي وئي . ڪلا پرڪاش جي ڪيل قلمي پورهئي ۾ هڪ دل هزار ارمان، هڪ سپنو سکن جو ، حياتي هوتن ريءَ، سمنڊ ۽ ڪنارو، پکن جي پريت ، اوکا پنڌ پهاڙ جا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن . ڪلا پرڪاش ورهاڱي کان گهڻو پوءِ سنڌ مان لاڏاڻو ڪري ممبئي وئي جتان ڪجهه عرصو دبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي ، اڄ ڪلهه ڀارت جي آدي پور واري علائقي ملير ۾ زندگي جا پويان پساهه کڻي رهي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں