سن ويجهو انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثا، 2 عورتن سميت 4 ڄڻا فوت

0Shares

جوهي / سن (نمائندن وٽان) سن ڀرسان انڊس هاءِ وي روڊ تي راڄڙي اسٽاپ وٽ سيوهڻ کان حيدرآباد طرف ويندڙ تيز رفتار ڪار سامهون ايندڙ بهه سان ڀريل ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪار سوار هڪ مرد ۽ هڪ عورت طبي امداد نه ملڻ سبب ٿڏي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪار مڪمل ٽرڪ جي هيٺيان/ اچي وڃڻ ڪري مسلسل ٽي ڪلاڪ لاش گاڏين ۾ ڦاٿل رهيا پر انتظاميا پاران لاشن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا. جڏهن ته واقعي واري هنڌ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ پهچي پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪاررواين ۾ مصروف ٿي ويا پر ڪار بهه سان ڀريل ٽرڪ جي هيٺيان ڦاٿل هئڻ ڪري ڳوٺاڻا لاش نه ڪڍي سگھيا، جنهن بعد ڪرين گھرائي لاشن گاڏين مان ٻاهر ڪڍي تعلقي اسپتال مانجھند منتقل ڪيو ويو، جتي لاشن جون قانوني گھرجون پوريون ڪيون ويو، جڏهن ته فوتي مرد جي موبائيل فون نمبر ذريعي فرخ بابر ولد سڪندر حيدرآباد جي گاڏي کاتي جي رهواسي طور سڃاڻپ ٿي پر فوتي عورت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي، ٻنهين فوتين جا وارث اسپتال ۾ نه پهچڻ ڪري لاشن کي مانجھند اسپتال ۾ رکيو ويو آهي. جڏهن ته ٽن ڪلاڪن کانپوءِ خاڻوٺ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گاڏين کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو ۽ ٽرڪ ڊرائيور فرار ٿي ويو. ٻئي طرف سيوهڻ ڀرسان لڪي شاه صدر روڊ تي ٻن ڪارن وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾  جوهي واسي پورهيت محمد يوسف ٿهيم ۽ سندس گهرواري صفوران فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته ريحانه ٿهيم .مومل ٿهيم آمنه  .زينب .فضه زخمي ٿي پيا آهن.جڏنهن ته  ٻي ڪار ۾ سوار نوشهروفيروز واسي  ساجد راجپوت. عرفان علي شاهاڻي .وقار ڏاهري .شيراز خاصخيلي .عبدالحميد کوسو  ۽ زبير جمالي سخت زخمي ٿي پيا آھن جن کي فوري طور تي سيوهڻ اسپتال پهچايو ويو آهي. مليل اطلاعن موجب زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. هوڏانهن پورهيت محمد يوسف ٿهيم ۽ سندس گهرواري جا لاش جوهي پهچڻ تي ڪهرام مچي.ويو سڄو شھر سوڳ ۾ ورتل

0Shares
کیٹاگری میں : سنڌ

اپنا تبصرہ بھیجیں