وينزويلا جي صدر تي خطاب دوران ڊرون حملو، 7 نيشنل گارڊ زخمي

ڪاراڪس(م ڊ) وينزويلا جي صدر نڪولس ميڊورو تي نيشنل گارڊ جي تقريب ۾ خطاب دوران ڊرون سان حملو ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب صدر نڪولس ميڊورو نيشنل گارڊ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو ته ان دوران ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ڊرون سان ڌماڪو ڪيو ويو جنهن ۾ صدر نڪولس ذري تي بچي ويو جڏهن ته 7 نيشنل گارڊ زخمي ٿي پيا. وينزويلا جي سڌ سماءَ واري وزير ڌماڪن جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڌماڪا ان وقت ڪيا ويا جڏهن صدر نڪولس تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، ان دوران ڌماڪيدار مادي سان ڀريل ڪيترائي ڊرون ڌماڪا سان ڦاٽا. وينزويلا جي صدر ڊرون ڌماڪن ۽ پاڻي تي قاتلاڻن حملن جو الزام آمريڪا، ڪولمبيا ۽ پنهنجي ملڪ جي کاٻي ڌر جي پارٽي تي لڳايو آهي. صدر نڪولس قوم کي خطاب ۾ چيو ته حملي جي مالي مدد ڪندڙ ۽ ڪيترائي منصوبا سازي فلوريڊا ۾ رهن ٿا. صدر نڪولس ٻڌايو ته اڏامندڙ شئي سندس سامهون ڦاٽي، شروعات ۾ کيس لڳو ته تقريب ۾ شايد کان ٽيڪنيڪل خرابي ٿي وئي پر ان ئي دوران ٻيون ڌماڪو ٿي ويو.

اپنا تبصرہ بھیجیں