ايشا گپتا ڪرڪيٽر پانڊيا سان شاديءَ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ايشا گپتا ڀارتي ڪرڪيٽر هرديڪ پانڊيا سان شادي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. اداڪارا ايشا گپتا ۽ ڀارتي ڪرڪيٽر هرديڪ پانڊيا گذريل ڪجهه عرصي کان وٺي گڏ نظر اچي رهيا هئا، جنهن کانپوءِ ٻنهي وچ ۾ لاڳاپن ۽ شاديءَ جون خبرون منظر تي آيون پر هاڻ ايشا گپتا اهڙين خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اداڪارا پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو آهي ته مان ۽ هرديڪ پانڊيا رڳو سٺا دوست آهيون. پنهنجي شادي جي حوالي سان اداڪارا جو چوڻ هو ته مان جڏهن به شادي ڪنديس ته سڀني کي ٻڌائي ڪنديس.

اپنا تبصرہ بھیجیں