سونالي بيندري همت ۽ بهادري جو مثال قائم ڪري ڇڏيو

0Shares

نيويارڪ(شوبز نوز)  ڪينسر جهڙي موذي مرض سان وڙهي رهي آهي ناليواري بالي ووڊ اداڪارا سونالي بيندري سوشل ميڊيا تي پنهنجون نيون تصويرون شيئر ڪيون آهن جنهن ۾ هوءَ وارن کان مڪمل طور تي محروم نظر اچي رهي آهي. ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿيندڙ بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا سونالي بيندري فرينڊ شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجن دوستن سان انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هوءَ مڪمل طور تي وارن کان محروم نظر اچي رهي آهي جڏهن ته سونالي پنهنجي خوبصورت وارن کي وڃائڻ تي ڏکايل ناهي پر انتهائي خوش لڳي رهي آهي ۽ ان تصوير وسيلي هن پيغام ڏنو آهي ته هوءَ بيماري جو بهادري سان مقابلو ڪري رهي آهي ۽ ٺيڪ ٿيڻ لاءِ پرعزم آهي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں