سلمان خان جو پرڏيهي سفر عدالتي اجازت سان مشروط

0Shares

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب گذريل ڏينهن جوڌپور جي عدالت ۾ ڪاري هرڻ جي غير قانوني شڪار ڪيس جي ٻڌڻي جي دوران هڪ ڀيرو ٻيهر سلمان خان پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي، عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو ته سلمان خان کي هر ڀيري پرڏيهه وڃڻ کان اڳ اجازت وٺڻي پوندي.بالي ووڊ جي سلطان سلمان خان ڀارتي رياست راجسٿان جي علائقي جوڌپور جي مقامي عدالت ۾ ڪاري هرڻ جي غير قانوني شڪار جو ڪيس 1998ع کان هلي رهيو آهي ۽ ڪجهه مهينا اڳ ئي سلو ميان کي 5 سال جي قيد ۽ 10 هزار روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته هو صرف 2 ڏينهن جيل ۾ گذارڻ کانپوءِ کيس ضمانت ملي وئي هئي جڏهن ته عدالت کيس پرڏيهه وڃڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي هئي.ان کانپوءِ سلمان خان پنهنجي فلم ريس ٿري جي پرڏيهه شوٽنگ جي لاءِ عدالت کان گهري هئي جنهن تي عدالت کيس پرڏيهه وڃڻ تي لاڳو پابندي ختم ڪري ڇڏي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ئي دبنگ اداڪار آمريڪا جو ٽوئر به ڪيو جتي هن مختلف پروگرامز ۾ پرفارم ڪيو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں