ڏکڻ آفريڪا پاران سريلنڪا کي ٽئين ون ڊي ۾ 78 رنسن تان شڪست، 5 ميچن جي سيريز 0-3 تان کٽي ورتي

0Shares

پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم ٽين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 78 رنسن تان شڪست ڏئي 5 ميچن جي سيريز 0-3 تانپنهنجي نالي ڪري ورتي. ڪينڊي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي ڏکڻ آفريڪي ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 363 رنسون ٺاهيون. هينڊرڪس 102 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته جي پي ڊومني 92 ۽ هاشم آملا 59 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. سريلنڪا طرفان ٿسارا پريرا 4 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ميزبان ٽيم 45.2 اوورن ۾ 285 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي. ڌنانجيا ڊي سلوا 84 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، جڏهن ته اڪيلا ڌنانجيا 37، ڪپتان انجيلو ميٿيوز 32 ۽ ڪوسل مينڊس 31 رنسون ٺاهي اڳڀرا رهيا. ڏکڻ آفريڪا طرفان اين گيڊي بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 رانديگرن کي پويلين موٽايو. ڏکڻ آفريڪي ٽيم لاڳيتو ٽين ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي 5  ميچن جي سيريز ۾ فيصلائتي سرسي ماڻي ورتي. ميچ جو بهترين رانديگر هينڊرڪس کي قرار ڏنو ويو.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں