بنگلاديش ٻي ٽي ٽوئنٽي ۾ ويسٽ انڊيز کي 12 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي

0Shares

فلوريڊِا(اسپورٽس نيوز) بنگلاديش ٻي ٽي ٽوئنٽي مئچ ۾ ويسٽ انڊيز کي 12 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن مئچن جي سيريز 1-1 تان برابر ڪري ورتي. بنگلاديش پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 171 رنسون ٺاهيون. تميم اقبال 74 رنسن جي شاندار اننگکيڏي کيس مئچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. ڪپتان شقيب الحسن 60 رنسون ٺاهيون. نرس ۽ پال 2-2 رناديگرن کي پويلين موڪليو. جواب ۾ ويسٽ انڊيز مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 159 رنسون ٺاهي سگهي. اينڊري فليچر ۽ پاويل 43-43 رنسون ٺاهيون. مستفظر ۽ ناظ۾ الاسلام 3-3 رانديگرن کي پويلين موڪليو. ڪپتان شقيب 2 شڪار ڪيا.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں