ملتان (م ڊ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته ملڪ ۾ ڊيمن جي تعمير اڻٽر آهي پر جڏهن ڊيمن لاءِ آواز اٿاريو ته سازشون شروع ٿي ويون. ملتان بار ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس ثاقب نثار چيو ته ملڪ ۾ پاڻي بحران ان ڪري پيدا ٿيو، ڇو ته ڊيم ٺاهڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو، ڪراچي ۾ پاڻي مافيا جي وبا هاڻ اسلام آباد اچي وئي آهي پر اسان کي ڊيم ٺاهڻا آهن، جنهن جي حفاظت عوام کي ڪرڻي پوندي ۽ سمورين سازشن کي رد ڪرڻو پوندو. هن چيو جڏهن اسان ڊيمن لاءِ آواز اٿاريو ته سازشون شروع ٿي ويون ۽ گلگت بلتستان ۾ تعليمي ادارا ساڙيا ويا، جيتوڻيڪ ڪجهه هفتا اڳ مان گلگت بلستان جو دورو ڪيو هو ۽ مون کي ٻڌايو ويو ته اتي ڪيتري ئي عرصي کان چوري يا قتل جو ڪو واقعو پيش ناهي آيو. سندس چوڻ هو ته جن ڊيمن تي ڪو تڪرار ناهي اهي اڳ ۾ ٺهندا، پنهنجي فيصلي ۾ ڪالا باغ ڊيم کي رد ناهي ڪيو پر لکيو آهي ته سمورن صوبن کان صلاح ورتي وڃي. جسٽس ثاقب نثار چيو ته پاڪستان تحفي ۾ ناهي مليو، هن ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون ويون، جنهن جدوجهد جي نتيجي ۾ ملڪ ٺهيو، ڇا اسان ان جي حفاظت ڪئي؟ قائداعظم ۽ لياقت علي خان جي وڃڻ کانپوءِ پاڪستان تي رڳو ڪرپشن راڄ ڪيو. هن چيو ته ڪرپشن سان گڏ نااهلي ۽ ٻين بيمارين جنم ورتو پر اسان کي پنهنجي ٻارن جي مستقبل لاءِ ڪرپشن ختم ڪرڻي آهي ۽ ڪرپشن خلاف جهاد جي ضرورت آهي. چيف جسٽس چيو ته پاڪستان کان وڌيڪ ڪو مفاد ناهي، ترقي لاءِ بنيادي حق لازمي آهن، تعليم آئين تحت هاڻ بنيادي حقن جو حصو آهي پر ملڪ ۾ هن وقت تعليم کپائي پئي وڃي ۽ پبلڪ ايجوڪيشن نه هجڻ برابر آهي، تعليم کي ڪاروبار بڻجڻ نه ڏينداسين.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
وزيراعظم ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج کي مڪمل اختيار ڏئي ڇڏيا
In تازا ترينفروری 22, 2019آغا سراج دراني سخت سيڪيورٽي هيٺ احتساب عدالت ۾ پيش، پهرئين مارچ تائين رمانڊ تي نيب حوالي
In پاڪستان, تازا ترينفروری 22, 2019نيب دهشتگردي واري انداز ۾ ڪارروائيون پئي ڪري، وڏو وزير هئڻ باوجود اسپيڪر کي بچائي نه سگهيس: مراد شاھ
In تازا ترين, سنڌفروری 22, 2019قومي اسيمبلي ۾ آغا سراج جي گرفتاري تي هنگامو، اسپيڪر جي ڊائيس جو گهيراءُ، پ پ ميمبرن ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون
In پاڪستان, تازا ترينفروری 22, 2019آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس: سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر آغا سراج دراني گرفتار، 3 ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور
In تازا ترينفروری 21, 2019احتساب تي ڪوبه سمجهوتو نه ٿيندو، مخالف ڌر کي گرفتارين تي جمهوريت ياد اچي ويندي آهي: وزيراعظم
In پاڪستان, تازا ترينفروری 21, 2019اسپيڪر کي گرفتار ڪري جمهوريت کي چيلينج ڪيو ويو، هاڻ حڪومت کي وڌيڪ وقت نه ڏينداسين: آصف زرداري
In پاڪستان, تازا ترينفروری 21, 2019اسلام آباد ۾ ننڍن صوبن جا نمائندا محفوظ نه رهيا ته صوبن ۾ وفاقي نمائندا به محفوظ نه رهندا: پ پ
In تازا ترين, سنڌفروری 21, 2019وفاق آئين موجب گئس فراهم ڪري، سنڌ جي حقن لاءِ ويڙهه جاري رکنداسين: وڏو وزير
In تازا ترين, سنڌفروری 21, 2019پاڪستان کي خيرات نه پر سيڙپڪاري ڪريون پيا، 2030ع تائين وڏي معيشت هوندو، پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ جو خاتمو چاهيون ٿا: سعودي عرب
In تازا ترينفروری 19, 2019
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟