اسلام آباد (بيورو) ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر کي ڪالهه طلب ڪيو پر ٻئي ڄڻا پيش نه ٿيا. ايف آءِ اي بي نامي اڪائونٽ مان مني لانڊرنگ ڪيس ۾ 32 ماڻهن خلاف جاچ ڪري رهي آهي جنهن ۾ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر به شامل آهي. ذريعن موجب فريال ٽالپر ايف آءِ اي جي جي آءِ ٽي اڳيان پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ايف آءِ اي کي خط لکي ڇڏيو آهي. فريال ٽالپر ايف آءِ اي جاچ ٽيم جي سربراهه نجف مرزا کي تبديل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ نئون سربراهه مقرر ڪرڻ جي به درخواست ڪئي آهي. هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ناليواري قانوندان فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته 2005ع ۾ آصف زرداري نجف مرزا خلاف ڪيس داخل ڪرايو هو سندس موجودگي ۾ صاف ۽ شفاف جاچ ممڪن ناهي، شفاف ٽرائل لاءِ شفاف جاچ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ايف آءِ اي سان مڪمل سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، فريال ٽالپر اثاثن جا تفصيل جمع ڪرائڻ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته آصف زرداري کي طلبي جو نوٽيس ملڻ يا نه ملڻ بابت ڪابه ڄاڻ ناهي. ٻئي طرف آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر خلاف مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب هن وقت تائين 35 مان 23 ارب رپين جي مني ٽريل حاصل ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق ايف آءِ اي پاران بار بار گهرائڻ باوجود آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم آڏو پيش ناهن ٿيا. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي اهڙي عمل خلاف ايف آءِ اي پاران سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. مني لانڊرنگ ڪيس جي سلسلي ۾ ايف آءِ اي جي جاچ ٽيم جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي مسلسل غير حاضري جو جواب تيار ڪيو ويو. ايف آءِ اي ان حوالي سان سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ جاچ ٽيم پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پڻ پيش ڪندي.5
مزید پڑھیں
Load/Hide Comments
ڳولا ڪريو
اسان جو فيس بوڪ
هاڻي شامل ٿيندڙ مواد
ڪراچي سرڪلر ريلوي 6 مهينن ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم، شهر ۾ سمورا منصوبا مٽي جو ڍير آهن: سپريم ڪورٽ
In تازا ترينمارچ 7, 2020امن معاهدي کي خطرو! افغانستان ۾ تقريب دوران حملو، عبدالله عبدالله ذري تان بچي ويو، 27 ڄڻا مارجي ويا
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ ڪٻاڙي جون بسون هلايون وڃن ٿيون، سموري سرڪاري مشينري کي جيل موڪلينداسين: چيف جسٽس
In پاڪستان, تازا ترينمارچ 7, 2020ڪراچي ۾ عمارت ڪرڻ واري واقعي ۾ فوتين جو انگ 18 ٿي ويو، 4 ڪامورا معطل
In تازا ترين, سنڌمارچ 7, 2020چين ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 30 ڄڻا فوت، سڄي دنيا ۾ لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر
In انٽرنيشنل, تازا ترينمارچ 7, 2020وفاقي حڪومت ڪراچي اربن ٽرانسپورٽ جا انتظام سنڌ سرڪار کي ڏيڻ تي راضي، حددخلين ۾ متاثر ٿيندڙن کي زمين ڏيڻ جي به آڇ
In تازا ترينفروری 4, 2020سينيٽ پارليامينٽرين جي پگهارن ۾ واڌ واري بل کي اڪثريت سان رد ڪري ڇڏيو
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020چين ۾ ڪورونا وائرس وگهي وڌيڪ 57 ڄڻا فوت، 17 هزار ماڻهو متاثر
In پاڪستان, تازا ترينفروری 4, 2020سنڌ ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦيرڦار، سنڌ سرڪار چئن وزيرن جا قلمدان تبديل ڪري ڇڏيا
In تازا ترين, سنڌفروری 4, 2020سنڌ سرڪار پاران ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف اڄ کان آپريشن جو فيصلو، وڏي وزير حڪم ڏئي ڇڏيو
In تازا ترينجنوری 21, 2020
مضمون
”محبوب نالي سينيما” جي يادگيرين جا ڪجه پس منظر؟:”عاجز انور لاشاري”
اشرافيا جي لاء بچاء جا سڀ در بند ٿيندا ٿا وڃن!: شفيق الرحمان شاڪر
ڇا تبديلي جون هوائون گهلڻ بند ٿي ويون؟ : صاحب خان ڀٽي
پي ٽي آءِ حڪومت جي 100 ڏينهن واري ڪارڪردگي: رضا عبدالفتاح عباسي
پاڪ ڀارت تعلقات بهتري جي راھ تي : تحرير شير محمد سولنگي
لطيف جي پارکو سان ٿيل ڳالھ ٻولھ : تحرير ربنواز راز ڄامڙو
سول ۽ فوجي قيادت ملاقات اهم فيصله ۽ عوام لاء پيغام: سيد زوار حسين شاه
سنڌ جي ڍانچو ٿيل تعليم ۽ اسڪولن ۾ ٿيل واقعن جو نوٽيس وٺو: درياءُ خان
چاهت ۽ چونڊ ..!: عامر ڪمال سولنگي
ڪتاب “درد جي بارش ” تي هڪ نظر : ﻣﻴﺮ ﺳﺮﺩﺍﺭ ﭼﻨڙ
عمران خان جي ڪاميابي، ڇانئون پاڪستان ٺهي سگهندو؟مظلوم لجپت راءِ مظلوم
ميان نوازشريف جو مستقبل ۽ شيدو مستريءَ جي جيپ
نگران حڪومت جو عوام سان ٻيو وڏو ڏاڍ اعجاز ممنائي
عام چونڊون ۽ ووٽ جي اهميت ۽ طاقت ؛
خلائي مخلوق ۽ سوشل ميڊيا کان خوفزده سياستدان
ڇا ووٽرن ۾ سجاڳي آئي آهي.؟؟