چيني صدر فوج کي هلندڙ سال خانگي ڪاروبار بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

0Shares

بيجنگ (م ڊ) چين جي صدر شي جن پنگ فوجي آفيسرن کي پنهنجو خانگي ڪاروبار هلندڙ سال جي آخر تائين بند ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. چيني ميڊيا موجب صدر شي جن پنگ جا حڪم فوج ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ جي مهم جو حصو آهن ۽ فوج کي عالمي معيار جي ويڙهاڪ فورس بڻائڻ چاهين ٿا. رپورٽ موجب چيني صدر چيو ته فوجي آفيسر ريئر اسٽيٽ پروجيڪٽس، اسڪول ۽ پبلشنگ سروسز هلائڻ بند ڪن ۽ فوج پنهنجي اصل پيشوراڻي ذميوارين تي ڌيان ڏي. گلوبل ٽائيمز موجب چين جو سينٽرل ملٽري ڪميشن 2018ع جي پڄاڻي تائين پنهنجو سمورو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيندو جڏهن ته فوج جا 94 سيڪڙو خانگي منصوبا پهريون ئي بند ٿي چڪا آهن. هڪ فوجي آفيسر پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته چيني فوج 15شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي آهي جنهن ۾ 12 کي ختم ڪيو ويو آهي.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں