حڪومت سازي لاءِ نمبر گيم: تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ لکت ۾ معاهدو، علي محمد مهر به پي ٽي آءِ ۾ شامل

0Shares

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف نمبر گيم مڪمل هجڻجي دعويٰ ڪري ڇڏي ايم ڪيو ايم سان لکت ۾ معاهدو علي محمد مهر به تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ تحريڪ انصاف کي وڌيڪ ٻن آزاد ايم اين ايز جي حمايت حاصل ٿي وئي آهي. نئين چونڊيل آزاد ايم اين اي شبير قريشي تحريڪ انصاف جي قافلي ۾شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي اين اي 181تان تحريڪ انصاف جي غلام مصطفيٰ کوکر کي آزاد اميدوار شبير قريشي شڪست ڏني هئي پر ڪاميابي کانپوءِ به هن سيٽ پي ٽي آءِ جي نالي ڪئي. گهوٽڪي جي اين اي 205 تان آزاد حيثيت ۾ ڪامياب ٿيل سردار علي محمد مهر تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي ويو سندس شموليت سان پي ٽي آءِ ۾ آزاد اميدوار طور سندس 8 نمبر هوندو ان کان اڳ 13 مان 6 آزاد اميدوار تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي چڪا آهن. پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيلن ۾ ثناءَ الله مستي خيل، غفار وٽو، صالح محمد، سيخ فخر امام، امجد کوسا ۽ عاصم نذير شامل آهن. تحريڪ انصاف ترجمان فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ۾ آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ 2 آزاد اميدارن سان سندن ڳالهيون هلي رهيون آهن. ٻئي طرف تحريڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف وٽ آزاد ايم اين ايز جو انگ 8 تائين ٿي ويو آهي عام چونڊن ۾ اڪثريت ملڻ کان پوءِ تحريڪ انصاف جي وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ مشاورت جاري آهي ۽ نمبر گيم پورا ڪرڻ لاءِ آزاد اميدوارن سميت ٻين جماعت جي ميمبرن کي ملائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي فواد چوڌري دعويٰ ڪئي ته پي ٽي آءِ وٽ آزاد ايم اين ايز جو انگ 8 تائين ٿي ويو آهي ۽ وڌيڪ 2 آزاد قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جي اميدوارن کي هارائيندڙ نئين چونڊيل ايم اين اي شبير قريشي سان معاملا طئي ٿي ويا آهن جڏهن ته نئون چونڊيل آزاد ايم اين اي علي محمد مهر به پي ٽي آ3 ٽيمج و حصو بڻجڻ لاءِ تيار آهي ذريعن موجب 13 مان 6 آزاد ميمبر پهريان ئي تحريڪ انصاف جو حصو بڻجي چڪا آهن. هوڏانهن تحريڪ انصاف ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان معاهدو طئه ٿي ويو.عام چونڊن ۾ اڪثريت ملڻ کانپوءِ تحريڪ انصاف جي وفاق ۾ حڪومت سازي لاءِ مشاورت جاري آهي ۽ ان حوالي سان ايم ڪيو ايم جهانگير  ترين طرفان حڪومت ۾ شموليت جي دعوت تي عمران خان جي حمايت جو فيصلو ڪيو آهي. ايم ڪيو ايم وفد خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪئي، وفد ۾ عامر خان، ڪنور نويد جميل ۽ فيصل سبزواري به شامل هئا. عمران خان سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف وچ ۾ حڪومت سازي جي حوالي سان معاهدي تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ميمورينڊم تي به صحيحون ٿيون. عمران خان سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا بريفنگ ۾ جهانگير ترين ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم سان معاملا طئه ٿي ويا ۽ تعاون جي حوالي سان ايم او يو تي صحيحون ٿي ويون آهن. هن چيو ته بلدياتي اختيارن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ۾ انهن جو ساٿ ڏينداسين، ڪراچي جي عوام ڀرپور طريقي سان اسان جو ساٿ ڏنو آهي، شهر جي لاءِ خاص مالياتي پيڪيج ڏنو ويندو. جهانگير ترين جو چوڻ هو ته ڪراچي کي نظرانداز ڪيو ويو ان تي توجهه نه ڏني وئي، شهر ۾ پاڻي، سيوريج ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا آهن، حيدرآباد ۾ به يونيورسٽي هجڻ گهرجي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم کي ڀليڪار چئون ٿا. جهانگير خان ترين چيو ته ڪراچي پوليس مان سياسي مداخلت کي ختم ڪنداسين ۽ اسان ڪراچي جي لاءِ خاص مالياتي پيڪيج ڏينداسين، ماضي ۾ ڪراچي کي نظرانداز ڪيو ويو ڪنهن به ڌيان نه ڏنو، بجيٽ جو وڏو حصو تعليم تي خرچ ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي، سيوريج ۽ ٽرانسپورٽ جا مسئلا آهن، حيدرآباد ۾ يونيورسٽي قائم ٿيڻ گهرجي، بلدياتي اختيارن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم جي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ۾ هن جو ساٿ ڏينداسين، ڪراچي جو عوام ڀرپور طريقي سان اسان جو ساٿ ڏنو آهي. ان موقعي تي خالد مقبول صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان جي دعوت تي هتي آيا آهيون، اسان جي وچ ۾ جيڪو ڪجهه طئي ٿيو آهي اُهو آئيني تقاضن ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پي ٽي آءِ سان گڏجي هلنداسين، آدم شماري جي معاملي تي ايم ڪيو ايم سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، آدم شماري جي معاملي تي پي ٽي آءِ خاطري ڪرائي آهي، تڪ بندين جي معاملي تي به پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ٿيون. هن چيو ته اڄ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ ٻنهي جو مينڊيٽ آهي، هاڻ سڄي پاڪستان ۾ انتظامي بنيدا تي نوان يونٽ بڻجڻ گهرجن، ڪراچي آپريشن جو جائزو ورتو ويندو ۽ ان کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو.5

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں