جي ڊي اي پاران چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا، ڌرڻا، اليڪشن ٻيهر ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي (نمائندن وٽان) گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائينس جي سڏ تي عام چونڊن ۾ ڌانڌلين خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ڌرڻا ٻيهر چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس (جي ڊي اي ) جي سڏ تي چونڊن م ٿيل بدترين ڌانڌلين خلاف جي ڊي اي جي سربراه پير صاحب پاڳاري جي هدايت تي ڪراڇي پريس ڪلب آڏو جي ڊي اي جي سوين ڪارڪنن سيد غوث علي شاه ,سردار عبدالرحيم نصرت سحر عباسي ,عبدالڪريم شيخ ,ارشد شر جي قيادت م شاندار احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهري م ايم ايم اي جي اڳواڻن ء ڪارڪنن ب ڀرپور شرڪت ڪئي ,مظاهرين هٿن م بينر ء پلي ڪارڊ کڻي چونڊن م ٿيل بدترين ڌانڌلين خلاف چٿي نعريبازي ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سنڌ اندر چونڊن م ٿيل بدترين ڌاندلين جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي چونڊون ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن ,مظاهرين سنڌ م ٿيل ڌانڌلين جو ذميدار چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ صوبائي اليڪشن کي قرار ڏيندي  چيف اليڪشن ڪمشنر ء صوبائي اليڪشن ڪمشنر کي بنا دير هٽايو وڃي ,مظاهرين کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي اڳواڻ اڳوڻي وڏي وزير سيد غوث علي شاه چيو ته سنڌ م ٿيل چونڊن م بدترين ڌاندلي ڪري پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪرايو ويو پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام جا اربين رپيا ڪرپشن وسيلي لٽيا آهن ,ميرٽ جو قتل عام ڪيو ويو ,پيپلز پارٽي جي چونڊن م ڌانڌلي ڪرڻ پراڻي عادت آهي ,چيف جسٽس آف پاڪستان اسان سان انصاف ڪري ء ٻيهر صاف شفاف چونڊون ڪرائي ,مظاهري کي خطاب ڪندي جي ڊي اي جي اطلاعات سيڪريٽري سردار عبدالرحيم خطاب ڪندي چيو ته سنڌ م جن کي چونڊون کٽرائڻيون هيون انهن کي کٽرايون ويون سنڌ ۾ نه صاف شفاف ۽ نه وري فئير ۽ فري چونڊون ٿيون آهن اسان جي ايجنٽن کي ڪمرن م بند ڪري ء ٻين کي ٻاهر ڪڍي سنڌ جو مينڊيٽ چورايو ويو آهي اسان ڌانڌلي زده چونڊن کي مڪمل طور رد ڪيون ٿا ء مطالبو ڪيون ٿا ته چيف اليڪشن ڪمشنر فور طور استعفا ڏئي ءچيف جسٽس پاڻمرادو نوٽيس وٺي ء سنڌ م ٿيل بدترين ڌانڌلين تي سموريون سياسي جماعتون متحد ٿي چونڊ نتيجا رد ڪن ,هن چيو ت احتجاج جي ٻئي مرحلي م سنڌ اندر مڪمل هڙتال ڪنداسين,اسان سياست نه پر سنڌ ء پاڪستان کي بچائڻ نڪتا آهيون ,مظاهري کي خطاب ڪندي نصرت سحر عباسي چيو ته پيپلزپارٽي کي اقتدار پليٽ م سجائي ڏنو ويو آهي بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوء ب پيپلز پارٽي کي ايترا ووٽ نه مليا ته هاڻي ڪئين مليا اٺيتاليهن ڪلاڪن کانپوء جونڊ نتيجا ڏيڻ ڌانڌلي نه آهي ته پوءِ ڇا آهي ,عوام جو ووٽ چوري ڪيو ويو آهي ,هن چيو ت اگر عمران خان قوم سان ڪيل وعدو پورو ن ڪيو ءزرداري ء سندس ٽولي کي جيلن ۾ نه وڌو ته عوام هنن سان گڏ نه رهندو,مظاهري کي خطاب ڪندي ايم ايم اي جي اڳواڻ قاري عثمان چيو ت اسان جي ڊي اي جي موقف جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا ,سنڌ م بدترين ڌانڌلين وسيلي ڪرپٽ جماعت پيپلز پارٽي کي اقتدار ڏنو ويو جنهن جي مذمت ڪيون ٿا ,مظاهري کي فنڪشنل ليگ جي اطلاعات سيڪريٽري عبدالڪريم شيخ چيو ت پيپلز پارٽي جي حڪومت ء نگران حڪومت م شامل ساڳئي بيروڪريسي چونڊن م ڌانڌلي ڪرائي آهي ,مظاهري کي ارشد شر بلوچ,مولانا نورالحق ء ٻين خطاب ڪيو. گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائينس سنڌ پاران چونڊ نتيجن خلاف اعلانيل احتجاج جي سلسلي ۾ جي ڊي اي ۾ شامل پارٽين پاران حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ناهيد خان، رفيق مگسي، تاج محمد ناهيون، محبوب ابڙو، اعظم جهانگيري، حافظ طاهرمجيد،گلزارجماڻي،آغاصدرموسيٰ خيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن چونڊ نتيجن خلاف سخت نعري بازي ڪئي.

اپنا تبصرہ بھیجیں