ايف آءِ اي حسن ۽ حسين نواز جي ريڊ وارنٽ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪري ورتو

0Shares

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پٽن حسن ۽ حسين نواز جي ريڊ وارنٽ لاءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو ويو آهي. رپورٽن مطابق ايف آءِ اي حڪومت پاران انٽرپول جي هيڊڪوارٽر فرانس کي درخواست اماڻي آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حسن ۽ حسين نواز احتساب عدالت جي ريفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏنا ويا آهن. ايف آءِ اي پاران حسن ۽ حسين نواز جي ريڊ وارنٽ لاءِ خميس تي درخواست اماڻي وئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۾ عدالت ٻنهي جوابدارن جا دائمي وارنٽ جاري ڪري رکيا آهن.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں