نيب سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال واري ڪيس ۾ عمران خان کي طلب ڪري ورتو

0Shares

پشاور(م ڊ) نيب سرڪاري هيليڪاپٽر استعمال ڪرڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي 7 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. نجي ٽي وي مطابق نيب خيبرپختونخواهه سرڪاري هيليڪاپٽر ڪيس استعمال ڪرڻ واري ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي 7 آگسٽ تي طلب ڪري ورتو آهي. هيليڪاپٽر ڪيس ۾ اڳوڻو وڏو وزير پرويز خٽڪ ۽ ٻيا ڪيترائي آفيسر پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن. ان کان اڳ گذريل مهيني نيب عمران خان کي طلب ڪيو هو پر هن چونڊ مهم ۾ مصروف هجڻ ڪري پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي.

0Shares

اپنا تبصرہ بھیجیں